پارا چنار ۾ 103 شھادتون ٿي چڪيون آهن: شيعا علما ڪائونسل

ڪراچي (رپورٽر)  شيعا علماءِ ڪائونسل جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري علامه ڊاڪٽر شبير الحسن ميسمي چيو آھي ت پارا چنار م گذريل ڏينھن جي دھشتگرد ڪارواين م 103 شھادتون ٿي چڪيون آهن پر اھي ياد رکن ت اسان ڪربلا وارا آھيون.اھڙن خيالن جو اظھار ھن جمعي جي خطبي دوران ڪيو،ھن وڌيڪ چيو ته ان حڪومت کي حڪمراني ڪرڻ جو ڪوبه  حق ناھي جيڪا عوام جي جان ۽ مال جو تحفظ نٿي ڪري سگھي،ظالم جو ساٿ ڏيندڙ به ظالم آھن،مرڪزي حڪومت کي به سوچڻ گھرجي،پاڪستان جي تصوير خراب ڪندڙن کي پنھنجو نٿا سمجھون،ھن چيو ته پارا چنار کي غزا ۽ شام بڻجڻ نه ڏينداسين. پارہ چنار ۾ معصوم ٻارڙن ۽ عورتن تي گوليون وسايون ويون آھن ،ڇا پاره چنار پاڪستان جو حصو ناھي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.