شاگرد جي رجسٽريشن نه ڪرڻ تي پي ايم ڊي سي کان جواب طلب

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ شاگرد جي رجسٽريشن نه ڪرڻ تي پي ايم ڊي سي کان جواب طلب ڪري ورتو. درخواست گذار جي وڪيل جبران ناصر چيو ته پي ايم ڊي سي جي قانون موجب ٽيسٽ جا نتيجا ٽن سالن لاءِ قابل قبول هوندا آهن، 2022 ۽ 2023 ۾ ٽيسٽ ڏيڻ وارا ٻيهر ٽيسٽ ۾ ويهي سگهن ٿا پر پي ايم ڊي سي عدالتي حڪمن تي عمل ناهي  ڪري رهي. درخواست گذار موجب خانگي اداري داخلا لاءِ عدالتي فيصلي کانپوءِ ٻيهر ايم ڊي ڪيٽ ٽيسٽ ڏيڻ جو چيو آهي. اسسٽنٽ ايڊووڪيٽ جنرل چيو ته درخواست ٻڌڻي جوڳي ناهي، جواب پي ايم ڊي سي ئي ڏئي سگهي ٿي. عدالت پي ايم ڊي سي کان 27 نومبر تي جواب طلب ڪري ورتو. درخواست جي ڪاپي پي ايم ڊي سي کي ڏيڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.