نوشهروفيروز ۾ ڪينالن خلاف جسقم جو ڌرڻو، دريا تي ڌاڙو برداشت نه ڪنداسين : نياز ڪالاڻي

نوشھروفيروز(رپورٽ:عتيق الرحمان وسطڙو) سنڌو مان ڪينال ڪڍڻ خلاف نوشهرو فيروز ۾ جسقم جي وڏي ريلي ڪڍي وئي، جيئي سنڌ قومي محاذ نوشھرو فيروز  پريس ڪلب کان باء پاس تائين ھڪ وڏي ريلي ڪڍي وئي. جنھن جي اڳواڻي مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي ڪئي، ريلي ۾ سوين جسقم ڪارڪن شريڪ ٿيا. قومي ڪارڪن ڪامريڊ منير وسطڙو، ڪامريد جنيد وسطڙو،  فرھاد غني ۽ ڪامريڊ امجد علي وسطڙو جو چوڻ ھو ته وفاقي حڪومت سنڌ کي سڪائڻ جا سانباھا ڪري سنڌو درياء تي ناجائر 6 ڪئنال ٺاھي سنڌ سان دشمني ڪري رھي آھي. ريلي الله واري چؤڪ کان ٿيندو مورو نوشھرو فيروز باء پاس تي پهتي، جتي وڏو ڌرڻو لڳايو ويو. ريلي کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي چيو ته جيستائين ڪو به سنڌي ھن ڌرتي تي ساھ کڻي ٿو اھو ڪينالن کي قبول نه ڪندو ۽ ڪينالن جي رد ٿيڻ جي نوٽيفڪيشن تائين جدوجهد جاري رھندي. ھن چيو ته  سنڌ جا حڪمران ڪرسي حاصل ڪرڻ لاء سڄي سنڌ وڪڻڻ لاء تيار آهن .سنڌ جي وڏو وزير جو چوڻ آهي ته چولستان ڪينال قبول ناهي ته  پوء ھو سنڌ اسيمبلي مان قرار داد پاس ڪرائي پر سنڌ جو ماڻهو پيپلز پارٽي جي ٻٽي پاليسي کان واقف ٿي چڪو آهي.ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي چيو ته  28 جولاء تي زرداري 6 ڪينالن جو نوٽيفڪيشن ڪڍيو.  بلاول چوي پيو اسان سان ويساهه گھاتي ٿي آهي اھا ويسا گھاتي اوھان سان مسٽر زرداري ڪئي آهي ھن چيو ته  چون ٿا ته اوھين ھن ملڪ جي خلاف آهيو پر اوھان 47 ۾ اسان کان ٻولي کسي ان کي ٻئي درجي جي ٻولي قرار ڏنو وري اوھان اسان کان وڏو شھر ڪراچي کسيو. 1973ع  ۾ آئين ٺاهي سنڌ جا وسيلا وفاق حوالي ڪيا ويا ان وقت اسان سوچيو ته ھاڻي ھي ظلم برداشت نه ڪبو ھن چيو ته سنڌ اندر امن امان جو ھٿرادو مسئلو پيدا ڪيو ويو آهي مذھبي انتھاپسندي کي ھٿي وٺرائي وئي آهي .

  8 ڊسمبر تي لکين سنڌي ڪراچي ۾ گڏ ٿي احتجاج ڪندا: قادر مگسي

حيدرآباد ( پ ر ) سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته سنڌو درياءِ تي ڪئنال جوڙڻ واري منصوبي خلاف 24 نومبر تي سڄي سنڌ ۾ احتجاج ڪيو ويندو ۽ 8 ڊسمبر تي لکين سنڌي مرد ۽ عورتون ڦوهارا چوڪ ڪراچي ۾ گڏ ٿي احتجاج ڪندا. هن چيو ته هي حڪمران سنڌين کان سندن پُٽ سنڌو درياءِ کسڻ چاهين مختلف ڪئنال جوڙي سنڌو کي سڪائي سنڌو کي بنجر بڻائڻ جي سازش رٿي وئي آهي جيڪا سنڌي قوم ڪنهن به صورت ۾ ڪامياب ٿيڻ نه ڏيندي. ماضي جيان هاڻي به هنن حڪمرانن کي  ناڪامي ملندي. سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي پارا چنا ۾ پيش آيل واقعي افسوس جو اظهار ڪندي ان کي حڪمرانن جي ناڪامي ۽ نااهلي قرار ڏيندي چيو ته پارا چنا واقعي حڪمرانن جي اصليت ظاهر ڪري ڇڏي آهي عوام جي جان جو تحفظ رياست جي ذميواري آهي جنهن ۾ حڪمرانن مڪمل ناڪام ٿيا آهن.

سنڌو تي ڪينالن خلاف پنجاب ۾ به احتجاج، ڪارپوريٽ فارمنگ زهر قاتل آهي

لاهور/ حيدرآباد (پ_ر)  پاڪستان ڪسان رابطا ڪميٽي جي جنرل سيڪريٽري فاروق طارق ۽ انجمن مزارعين پنجاب جي صدر مهر غلام عباس لاهور پريس ڪلب ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ڪارپوريٽ فارمنگ جو منصوبو هارين، زرعي مزدورن ۽ ننڍن آبادگارن لاءِ زهر قاتل آهي ۽ اسان جون زندگيون  تباهه ڪرڻ جو منصوبو آهي. پاڪستان ڪسان رابطا ڪميٽي ۽ انجمن مزارعين پنجاب جو مطالبو آهي ته پوري پاڪستان ۾ زرعي سڌارا آندا وڃن. زمين مقامي بي زمين هارين، زرعي مزدورن  ۽ ننڍن آبادگارن کي ڏني وڃي ۽ جو قانوني حق آهي. هنن چيو ته ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي زمينن تي ٿيندڙ قبضن خلاف ااسان لاهور هاءِ ڪورٽ ۽ سپريم ڪورٽ ۾ قانوني جنگ وڙهي رهيا آهيون. اسان سنڌ سميت سڄي ملڪ جي هارين ۽ پورھيتن سان گڏ آهيون. هنن چيو ته اسان کان اسان جي ابن ڏاڏن جون زمينون ڦري گرين پاڪستان جي نالي تي خانگي ڪمپنين کي ڏنيون پيون وڃن. هن وقت تائين 4.8 ملين ايڪڙ زمين جي نشاندهي ڪئي وئي آهي. تفصيل موجب، هن وقت تائين 0.9 ملين (تقريباً 10 لک) ايڪڙ زمين الاٽ ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ پنجاب جي 811,619 ايڪڙ، سنڌ جي 52,713 ايڪڙ، بلوچستان جي 47,606 ايڪڙ، ۽ خيبرپختونخوا جي 74,140 ايڪڙ زمين شامل آهي. چولستان ۾ ڪارپوريٽ فارمنگ شروع ٿي چڪي آهي، ھن وقت تائين 2 لک ايڪڙ زمين جو معاهدو ٿي چڪو آهي، ۽ ان منصوبن لاءِ هارين، پورهيتن کان زمينون کسيون پيون وڃن. پنجاب ۾ اوڪاڙا کان علاوه عارف والا ۾ محمد نگر سيڊ فارم جي 27 هزار ايڪڙ زمين خانگي ڪمپنين کي ڏئي وئي آهي، ۽ اهو سلسلو باقي فارمن ۾ شروع ٿي رهيو آهي. ڊپٽي ڪمشنرز ۽ رياستي ادارن طرفان مختلف فارمن جون زمينون خالي ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا ويا آهن. هارين کي ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن ته "جلد کان جلد زمينون خالي ڪريو.  اهڙي ظلم ۽ ڏاڍ خلاف مزاحمت جو سلسلو به شروع ٿي ويو آهي. اهڙو ئي هڪ واقعو ٻه هفتا اڳ عارف والا جي ويجهو محمد نگر سيڊ فارم تي پيش آيو، جتي جڏهن ان زمين تي قبضو ڪرڻ لاءِ پوليس جو وڏو ٽولو پهتو، ته 700 کان وڌيڪ هارين پوليس جو رستو روڪيو ۽ سخت مزاحمت ڪئي. آخرڪار پوليس بغير قبضو حاصل ڪرڻ جي واپس وڃڻ تي مجبور ٿي وئي، پر هاري پنهنجي جڳهه تان پوئتي نه هٽيا.

پاڻي تي ڌاڙي خلاف مٽياري ۾ قومي عوامي تحريڪ جو احتجاج

مٽياري( رپورٽ:ضمير خاصخيلي) سنڌو مان ڪينال ڪڍڻ خلاف قومي عوامي تحريڪ احتجاجي مظاهرو ڪيو. مٽياري پريس  ڪلب آڏو احتجاجي مظاھري جي اڳواڻي ماجد خاصخيلي. ظفر خاصخيلي فريد ملاح. نعيم خاصخيلي. الطاف کوسو حبيب الله مشوري ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا. مظاھري ۾ (سنڌو درياءَ تي ڌاڙو نامنظور) جا زوردار نعرا لڳندا رهيا. مظاهرو ڪندڙن جو چوڻ هو ته سنڌو درياءَ اسان جو جياپو آھي. سنڌ جو ٻچو ٻچو پنهنجي سنڌو درياءَ جي حفاظت ڪرڻ ڄاڻي ٿو. مظاھري ۾ اڳواڻن جو چوڻ هو ته اسان جي سنڌ زرعي حوالي سان سرسبز آهي جنهن کي سڪائڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي .

سنڌو مان ڪينال ڪڍڻ خلاف نصير آباد ۾ جساف جو احتجاج

نصيرآباد (رپورٽ: بشيراحمد بروهي)جساف آريسر نصيرآباد پاران سنڌو درياءَ تي نوان ڪئنال ڪڍڻ ۽ سنڌو جي پاڻي تي ڌاڙا هڻڻ خلاف،  پاران اطھر سنڌيءَ جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، جيڪو شھر جي مکيہ رستي کان ٿيندو، تعلقي پريس ڪلب پھتو. جتي اطهر سنڌي ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته سنڌو درياهه مان ڪئينال ٺاهن سنڌ کي سڪائڻ برابرآهي. اهڙن ڪئنالن کي سنڌي ماڻهون ڪڏھن به قبول نه ڪندا اسان جي زندگي جو مسئلو آهي اهڙو سنڌ دشمن منصوبي کي رد ڪيون ٿا.

جي يو آءِ سنڌو درياهه تي 6 ڪئنال ٺاهڻ خلاف اڄ اي پي سي گهرائي ورتي

جيڪب آباد (رپورٽ: حضور بخش سومرو) جي يو آءِ سنڌ جي پريس سيڪريٽري ڊاڪٽر اي جي انصاري چيو ته سنڌو درياهه تي 6 ڪينال ٺاھڻ خلاف جي يو آءِ سنڌ پاران اڄ تي ڪراچيءَ ۾ آل پارٽيز ڪانفرنس ڪوٺائي وئي آهي.  ٺل ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته علامه راشد محمود سومرو سنڌ جي مسئلن تي سگهارو آواز بڻيل آهي، سڀني تنظيمن جي گڏيل موقف ۽ جدوجهد لاءِ اي پي سي ڪوٺائي وئي آهي. اي پي سي ۾ پ پ، مسلم ليگ ن، جي ڊي اي، ايس يو پي، پي ٽي آءِ، جمعيت علماءِ پاڪستان، جماعت اسلامي، ايم ڪيو ايم، مجلس وحدت المسلمين، شِعا علماءِ ڪائونسل، ايس ٽي پي، قومي عوامي تحريڪ، جسقم، راهه حق پارٽي، مرڪزي جمعيت اهل حديث، عوامي نيشنل پارٽي ۽ ٻين کي دعوت ڏني وئي آهي. سنڌو درياهه تي ڌاڙي خلاف گڏيل حڪمت عملي تيار ڪئي ويندي ۽ هر محاذ تي جدوجهد ڪئي ويندي.

حيدرآباد ۾ رواداري مارچ جون تياريون، نسيم نگر ۾ مشعل بردار ريلي

حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ رواداري ڪميٽي جي سڏ تي حيدرآباد ۾ ر”رواداري ۽ سنڌو درياهه بچايو” مارچ ڪيو ويندو. اولڊ ڪيمپس کان پريس ڪلب تائين رٿيل هن مارچ جي جاڳرتا جي سلسلي ۾ ڪالهه شام ڌاري قاسم آباد جي علائقي نسيم نگر چوڪ تي مشعل بردار ريلي ڪڍي وئي. جن هٿن ۾ مشعل کڻي “پاڻيءَ تي ڌاڙو نامنظور، ڪئنال سمورا نامنظور، ڊيم سمورا نامنظور، درياهه خاطر جهيڙو آ، پاڻيءَ خاطر جهيڙو آ، انتهاپسندي نامنظور، لطيف جي ڌرتي، امن ٿي چاهي” جهڙا نعرا هنيا. ان موقعي تي رواداري ڪميٽي جي اڳواڻ سنڌو نواز گهانگهرو، عاليا بخشل، پروفيسر امداد چانڊيو، حمز علي چانڊيو، سنڌ هاري ڪميٽي جي صدر ثمر حيدر جتوئي، نظير قريشي، بختاور ڄام، ماروي لطيفي، پشپا ڪماري، ماروي اعواڻ، صائمه جعفري، سارنگ ڄام، ماهنور شيخ ۽ ٻين ڳالهائيندي چيو ته سنڌو درياهه مٿان ڪو به ڪئنال ۽ ڊيم قبول ناهي، سنڌو درياهه کي سڪائڻ ۽ سنڌ جي ماڻهن جو جياپو کسڻ واري سازش ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندي. جيڪڏهن حڪمران پنهنجي هوڏ تان نه لٿا ته پوءِ سنڌ جون هزارين عورتون ۽ نوجوان رستا بند ڪري ويهي رهندا ۽ پوءِ حڪمرانن جو هتي هلڻ ڏکيو ٿي پوندو. اسان جو اهو مطالبو آهي ته اڳ ۾ سنڌ جي اجازت ۽ راضپي کانسواءِ سنڌو درياهه مان غير قانوني طور ڪڍيل ڪئنال ۽ اڏيل ڊيم ختم ڪيا وڃن. هنن چيو ته سنڌ مٿان اونداهيون مڙهيندڙ انتهاپسند ڌريون سنڌ جي روشن خيال ۽ سيڪيولر مزاج کان ڇرڪ ڀري رهيون آهن، ان ڪري هو سنڌ جي رواداري ۽ امن کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪن پيون، اڄ هٿن ۾ مشعال کڻي اسان کين ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته سنڌ جا ماڻهو سنڌ مٿان انتهاپسندي ۽ جهالت مڙهڻ واري سازش کي ناڪام بڻائيندا. هنن سنڌ جي ساڃاهه وند ڌرين، اديبن، شاعرن، ليکڪن، وڪيلن، سياسي ڪارڪنن ۽ سول سوسائٽي جي نمائندن کي اپيل ڪئي ته هو اڄ 2 وڳي  اولڊ ڪيمپس کان حيدرآباد پريس ڪلب تائين رٿيل رواداري ۽ سنڌو درياهه بچايو مارچ ۾ ڀرپور شرڪت ڪن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.