اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کان پوءِ ڇا پي ٽي آءِ آچر تي رٿيل احتجاج ملتوي ڪندي؟ 24 تاريخ جي احتجاج کان پوءِ خان صاحب آزاد ٿي ويندو؟ ڇا رستن ۽ خيبر پختون خواه جي سرڪاري وسيلن جي بندش کان پوءِ به لکين ماڻهو اسلام آباد پهچي ويندا؟ ڇا بشري’ بيبي احتجاج کي اڳواڻي ڪندي؟ ڇا بشري’ بيبي مڙس کي آزاد ڪرائي سگهندي؟ بشري’ بيبي جو بيان ڪٿي خان جي اهنجن ۾ اضافي جو ڪارڻ بڻجي ويو؟ سياست ۾ مذهبي ٽچ ڇو ضروري آهي ؟ امريڪي سازش کان پوءِ سعودي عرب به خان جي حڪومت ختم ڪرائڻ ۾ واقعي سازش ڪئي؟ هي اهي سوال آهن جن جي بنياد تي خان صاحب جي هاڻوڪي احتجاجي سياست گردش ڪري ٿي.
اسلام آباد هائي ڪورٽ حڪومت کي هدايتون جاري ڪيون ته بيلاروس جو صدر پنهنجو وفد وٺي اچي ٿو انڪري تحريڪ انصاف کي احتجاج جي اجازت نه ڏيو ۽ پارٽي قيادت سان ملي کيس دوري جي اهميت کان آگاهه ڪيو. ٻي پاسي پشاور هاءِ ڪورٽ گنڊاپوري سرڪار کي حڪم ڏنو آهي ته احتجاجن لاءِ سرڪاري وسيلا استعمال ڪرڻ ناقابل برداشت عمل آهن انڪري سرڪاري وسيلن جي استعمال کان پاسو ڪيو وڃي۔
ڏسجي ته هي ڪو پهريون دفعو ناهي جو عدالت سڳوري ڪنهن پارٽي جي احتجاج جي باري ۾ ڪو حڪم جاري ڪيو هجي يا ڪنهن صوبائي سرڪار پنهنجي پارٽي ڪاڻ سرڪاري وسيلا استعمال نه ڪيا هجن۔ اڳ به اهڙا حڪم ملندا رهيا آهن پر عدالتن جي حڪمن کي هڪ طرف رکي احتجاج يا ڌرڻا لڳندا رهيا۔ انتظاميا به ڪو وڏو تحرڪ نه وٺندي آهي ڇو ته ان کي خبر هجي ٿي ته هڪ (Charged) جتي اڳيان اچڻ خودڪشي کان گهٽ ناهي۔ احتجاجن دوران ويڙھ به ٿي پوندي آهي جنهن ۾ ٻنهي طرفن کان انساني جانين جو زيان به ٿيندو رهيو آهي۔
منهنجي نظر ۾ هاڻي به اسلام آباد ۽ پشاور هاءِ ڪورٽن جي فيصلن کي ٿڏي تحريڪ انصاف پنهنجو احتجاج ضرور ڪندي ۽ ڪي پي ڪي سرڪار جا وسيلا ۽ ملازم به احتجاج جو حصو ٿيندا۔ اهو سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي ته جو ڪورٽ جي حڪم جي پوئواري ڪندي احتجاج جو سڏ واپس وٺجي يا وري ملڪي مفادن کي نظر ۾ رکندي بيلاروس جي صدر جي آمد کي ڏسي احتجاج ملتوي ٿئي ها باقي جيڪڏهن ڳجهن رابطن جي ڪري احتجاج ملتوي ٿئي ته ان کان انڪار نه ٿو ڪري سگهجي پوءِ ڀل ان ۾ ڪورٽ جي حڪم کي مڃڻ يا وري مهمان جي اچڻ جو جواز ئي ڇو نه ڄاڻايو وڃي.
بشري’ بيبي پنهنجي ويڊيو بيان جاري ڪري وڏو ممڻ مچائي ڇڏيو آهي.جڏهن خان صاحب جي حڪومت ختم ڪئي وئي ته ان وقت خان صاحب امريڪا کي پنهنجي حڪومت جي خاتمي جو ذميوار ڄاڻائي خوب ممڻ مچايو هو۔ امريڪي وضاحتن جو به خان جي تقريرن ۽ بياني تي ڪو فرق نه پيو سندس ڪارڪن به امريڪا کي پنهنجو دشمن سمجهڻ لڳا. پر خان ساڳي امريڪا ۾ پنهنجي لاءِ لابنگ شروع ڪري ڏني۔ امريڪي ڪانگريس جا نمائنده پاڪستان جي اندروني معاملن ۾ مداخلت ڪرڻ لڳا. خان صاحب جي هر احتجاج ۾ جتي ٻين ڳالهين جو ذڪر ٿيندو رهيو آهي اتي اسلامي ٽچ به رهيو آهي. مون کي ياد آهي اميد ته سڀ کي ياد هوندو اسلام آباد واري جلسي ۾ قاسم سوري خان صاحب جي ويجهو اچي چيو هو ته "ٿورو اسلامي ٽچ” ڏيو ته ان وقت خان صاحب پنهنجي تقرير ۾ الله ۽ سندس رسول جو ذڪر شروع ڪيو. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته اسان وٽ امريڪا مخالف بيانيو ۽ اسلام خاص طور فرقيواريت جي ڳالھه تي ماڻهو وڌيڪ جذباتي ٿي وڃن ٿا۔ بشري’ بيبي سعودي عرب جي باري ۾ جيڪو بيان ڏنو اهو خان صاحب جي سياست لاءِ تمام خطرناڪ آهي ڇو ته اسلامي دنيا ۾ پاڪستان لاءِ سعودي عرب وڏي اهميت وارو ملڪ آهي.
بشري’ بيبي جي هاڻوڪي بيان پويان ٻه ڳالهيون ظاهر ٿين ٿيون۔ هڪ ته جنهن انداز سان ماڻهو خان جي سياست جا ساٿي ٿيندا ويا انهن جو ماضي سڌو يا اڻسڌو طاقتور ڌرين سان لاڳاپيل رهيو آهي. انهن خان صاحب سان جيئڻ مرڻ جا وچن پئي ورجايا پر جڏهن وقت پلٽو کاڌو ته سندس اهي ساٿي لڀي به نه پيا لڀجن۔ منهنجي نظر ۾ بشري’ بيبي به ائين لڳي ٿي. لڳي ٿو ته بيبي سائنڻ اهڙو غيرمناسب بيان ڏيئي پنهنجي پگهار کري ڪري ڇڏي آهي۔ ڪنهن جي ذاتي زندگي تي گفتگو ڪرڻ جو قائل ناهيان پر هڪڙو سوال ذهن ۾ ضرور ايندو آهي ته اها ڪهڙي روحانيت آهي جنهن ۾ وسندڙ گهر برباد ڪري وڃي ٻي ڪنهن سان نڪاح ڪجي؟
بشري’ بيبي جي بيان کان پوءِ خان صاحب جا سياسي ساٿي وضاحتن ۾ پورا آهن پر پوءِ سندن ڪا وضاحت قابل قبول نه ٿي سگهي آهي. سعودي عرب خلاف اهڙو بيان خان جي پنهنجي سياست تي ڪاپاري ڌڪ آهي سياسي جلسن جلوسن کي چارج ڪرڻ لاءِ مختلف ڪوڙيون سچيون ڳالهيون ڪيون وينديون آهن پر اهڙو بيان احتجاج کان ٽي چار ڏينهن اڳ ڏيڻ سمجهھ کان ٻاهر آهي. جڏهن اندروني طور خانصاحب لاءِ ماحول سازگار ناهي اهڙي وقت تي هڪ اهم ملڪ جي خلاف بيان ڏيڻ بشري’ بيبي جي وڏي سفارتي ۽ سياسي بيوقوفي آهي۔ هڪ اهڙو الزام جيڪو ٻڌي ٻڌائي تي هجي ان جو ذڪر سمجهه ۾ نه ٿو اچي.
ڏٺو وڃي ته خان صاحب جي سعودي دوري کان پوءِ خان صاحب جا سعودي عرب سان ويجها لاڳاپا رهيا آهن. هاڻي سوال اهو پيدا ٿئي ٿو ته بشري’ بيبي جي اهڙي بيان ۽ غير يقيني واري صورتحال کان پوءِ به لکين ماڻهو اسلام آباد پهچندا يا وري هن احتجاج جو حشر به گذريل ڏيڍ درجن احتجاجن وانگر ٿيندو. فن ڌي نڪرڻ وارن قافلن کي اها خبر ناهي ته گهڻا ڏينهن گهر کان ٻاهر رهڻو پوندو؟