پ پ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ هڪ وڊيو بيان ۾ وفاقي حڪومت کي مخاطب ٿي چيو آهي ته جيڪڏهن سنڌ ۽ بلوچستان جا اعتراض نه ٻڌا ويا ته ڇهن ڪئنالن واري وفاقي حڪومت جي سڄي منصوبي کي تڪراري سمجهيو ويندو. تنهن ڪري انهن منصوبي کي شروع ڪرڻ کان اڳ سڀني صوبن يعني اسٽيڪ هولڊرن کي خاص ڪري سنڌ ۽بلوچستان کي اعتماد ۾ وٺڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته وفاقي حڪومت اهڙا قدم نه کڻي جنهن سان سٺا منصوبا تڪراري بڻجي وڃن پر گڏجي فيصلا ڪيا وڃن ته جيئن هي منصوبو به ڪالاباغ ڊيم وانگر تڪراري نه بڻجي وڃي. هن چيو ته اسان وٽ گرين سنڌ جو منصوبو آهي جيڪو پڻ وفاقي حڪومت سان شيئر ڪرڻ چاهيون ٿا. اسان ان منصوبي سان سنڌ جي زمينن کي آباد ڪري ننڍن آبادگارن کي فائدو ڏيڻ چاهيون ٿا. هوڏانهن رپورٽن موجب سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه وفاقي حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو اجلاس گهرايو وڃي. وڏي وزير چيو ته آئين موجب 90 ڏينهن اندر سي سي آءِ جو اجلاس گهرائڻ لازمي هوندو آهي پر 9 مهينن کان ڪو اجلاس نه ٿيو آهي.
اسان جڏهن چئون ٿا ته بلاول ڀٽو زرداري کي تڪراري ڇهن ڪئنالن بابت صاف انڪار ڪرڻ گهرجي ته کانئس اها تقاضا ان ڪري ڪريون ٿا جو سنڌ جي عوام جنهن جي نمائندگي سنڌ حڪومت ڪري ٿي تنهن انهن تڪراري ڇهن ڪئنالن کي مڪمل طور تي رد ڪري ڇڏيو آهي ۽ بلاول کي پنهنجو ذاتي نه پر سنڌي عوام جو موقف وفاق کي ٻڌائڻ گهرجي پر بلاول جي ان ويڊيو بيان مان ايئن ٿو لڳي ته ان کي ڇهن ڪئنالن جي اڏاوت تي ڪو اعتراض ناهي اهو ان کي سٺو منصوبو سمجهي ٿو، اعتراض رڳو اهو اٿس ته وفاقي حڪومت پ پ کي اعتماد ۾ ناهي ورتو. اها صلاح ته پنهنجي جاءِ تي بلڪل درست آهي ته وفاقي حڪومت کي سڀني صوبن کي اعتماد ۾ وٺڻ گهرجي.
ايئن بلاول ڀٽو زرداري کي به گهرجي ته سنڌ جي اسٽيڪ هولڊرن کي اعتماد ۾وٺي. جيڪا صلاح هو وفاقي حڪومت کي ڏئي ٿو تنهن جي روح تحت هن کي سنڌ جي سياسي جماعتن ۽ سول سوسائٽي جي نمائندن سان به ڳالهائڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته سنڌ جون سياسي سماجي جماعتون ۽ سول سوسائٽي جون سڀ ڌريون انهن تڪراري ڪئنالن جون نه رڳو سخت خلاف آهن پر سراپا احتجاج به آهن. سنڌ ۾ روز وفاقي حڪومت جي ان منصوبي خلاف ڪا نه ڪا ڌر احتجاج ڪري رهي آهي جيڪا لڪيل ڍڪيل ڳالهه ناهي، اصولي طور تي ۽ جمهوري روح جي تقاضا اها آهي ته بلاول ڀٽو زرداري رڳو پ پ يا سنڌ حڪومت جي نه سڄي سنڌي عوام جي نمائندگي ڪري ۽ ان جي موقف کي سنڌ حڪومت جي پاليسي بڻائي ۽ اهو ڪيڏو نه سٺو لڳندو جيڪڏهن پ پ ان معاملي تي سنڌي قوم پرست جماعت کي اعتماد ۾ وٺي ۽ کين يقين ڏياري ته اها سنڌي عوام سنڌ ۽ سنڌو درياهه جي مفاد ۾ پاليسي اختيار ڪندي اهو سڀ ان ڪري به ضروري آهي جو سنڌي عوام کي هونئن ئي پ پ تي شڪ شهبا آهن ته اها اقتدار جي لالچ ۾ ڪجهه به ڪري سگهي ٿي.
اهڙو تاثر هئڻ خود پ پ لاءِ به سٺو ناهي ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن اهو خدشو درست هوندو ته ان سان پ پ کي ئي ڪاپاري ڌڪ لڳندو . پ پ هونئن به هاڻي رڳو سنڌ تائين محدود ٿي وئي آهي جيڪڏهن اها سنڌ دشمن منصوبن ۾ ملوث هوندي يا رهي ته پوءِ سنڌي عوام به ٻين صوبن جي عوام وانگر پ پ کي ووٽ نه ڏيندو. آصف زرداري چوندو آهي ته اسان تاريخ ۾ زنده رهڻ وارو ڪم ڪندا آهيون جنهن سان تاريخ ۾ زنده رهي سگهون جڏهن ته چوٿين ڏينهن ترقي پسند پارٽي جي سربراهه قادر مگسيءَ سڪرنڊ باءِ پاس تي ڇهن ڪئنالن خلاف ڏنل ڌرڻي جي اڳواڻي ڪندي چيو هو ته جيڪڏهن پ پ سنڌوءَ تي لڳل ڌاڙي تي خاموش رهي ته تاريخ کيس بخش نه ڪندي سو پ پ کي سنڌ جي مئنڊيٽ جو احترام ڪرڻ گهرجي ان سان ئي اها تاريخ ۾ زنده رهندي پر جيڪڏهن سنڌ جي مفادن خلاف ڪم ڪندي ته تاريخ ۾ خوار ٿيندي.سو پنهنجو خيال آهي ته پ پ جيڪڏهن مسلم ليگ (ن) ايم ڪيو ايم، جميعت علماءِ اسلام (ف) پي ٽي آءِ وغيره سان ڳالهائي سگهي ٿي ته سنڌ جي اشوز تي سنڌ جي قوم پرست جماعتن ۽ سنڌ جي سول سوسائٽي سان ڇو نه ٿي ڳالهائي سگهي.
پ پ کي تاريخ ۾ زنده رهڻو آهي ته ان کي سنڌ جي عظيم مفاد ۾ فيصلا ڪرڻا پوندا صرف اقتدار لاءِ سياست کين تباهه ۽ برباد ڪري ڇڏيندي پ پ کي ان جو احساس ڪرڻ گهرجي. مطلب ته پ پ کي وفاق آڏو سنڌ جو ڪيس رکڻ گهرجي جيڪو حقيقت ۾ سنڌ جي زندگي ۽ موت جو مسئلو آهي سنڌ تي هزار ڀيرا اقتدار قربان ڪري سگهجي ٿو. پ پ وفاق سان ڳالهائڻ چاهي ٿي ته ان کي سنڌ ۽ پنجاب وچ ۾ ٿيل پاڻي معاهدن جي ڀڇڪڙي جو داستان ٻڌائڻ گهرجي ته سنڌ جي عوام کي هاڻي وفاق جي ڪنهن به معاهدي تي اعتبار ناهي. وفاق هر دور ۾ سنڌ جي ويساهه کي ٽوڙيو آهي.هاڻي به سنڌي عوام کي خطرو آهي ته سنڌو درياهه مان ڇهه ڪئنال نڪرندا ته ان جو سڌو سنئون نقصان سنڌ کي ٿيندو، سنڌ کي هاڻي به 1991واري پاڻي معاهدي تحت پاڻي نه ٿو ملي، صوبي پنجاب اندر اهو تاثر قائم ڪرايو ويو آهي ته سمنڊ ۾ درياهه جو پاڻي وڃي ڪري ضايع ٿئي ٿو جڏهن ته حقيقت اها آهي ته سنڌو جو پاڻي سمنڊ تائين ڇوڙ ڪري ئي نه ٿو تنهن ڪري سمنڊ اڳتي وڌي ڪري سنڌ جي 30 لک ايڪڙ زمين برباد ڪري چُڪو آهي.
سو پ پ جو اهو فرض آهي ۽ ايمانداري جي تقاضا آهي ته اها سنڌ جو حقيقت پسنداڻو ڪيس وفاق جي آڏو وڙهي ۽ ڇهن ڪئنالن واري منصوبي بابت کين صاف انڪار ڪري. سنڌ جي عوام جو اهو ئي ريفرينڊم آهي جنهن جو اظهار ان ڇهن ڪئنالن خلاف احتجاجن سان ريڪارڊ ڪرايو آهي.