پاڪستان تحريڪ انصاف  جي ڪارڪنن کي ڏنل  چئلينج

تحرير: رفيق پٽيل

سينيٽر فيصل واوڊا چئلينج ڪيو آھي تھ 24 نومبر  جي احتجاج ۾ پي ٽي آءِ جا اسيمبلي ميمبر 50،50 ماڻھو بھ گڏ نھ ڪري سگھندا. پي ٽي آءِ، جي ڪارڪنن جو ان تي ردعمل ڪھڙو ھوندو،آچر  واري ڏينھن ان جو فيصلو ٿي ويندو.پي ٽي آءِ، جي مخالفت جي ڪري  ڪنھن خاص اشاري تي فيصل واوڊا کي ميڊيا ۾ اھيمت ڏني ويندي آھي،

ڪراچيءَ جو ھڪ وڏو بزنس مين فيصل واوڊا جيڪو شايد ذاتي حيثيت ۾ ھڪ بلدياتي ڪائونسلر جي سيٽ تي بھ ڪامياب نٿو ٿي سگھي،پنھنجي دولت جي بنياد  ۽ ڪنھن جي سرپرستي جي ڪري سينيٽر ٿي ويو آھي. ڪجهه موقعن  تي تھ ھن کي ميڊيا ۾ بلاول ڀٽو کان بھ وڌيڪ اھميت ڏني ويندي آھي.ڄڻ ھن جي ملڪ جي وزيراعظم بڻجڻ جو ڪو امڪان ھجي. ٿي سگھي ٿو تھ پردي جي پٺيان ڪن معاملن جي بنياد تي جيڪڏھن ڪو معجزو ٿي وڃي تھ ھي صاحب وزيراعظم يا ڪنھن ٻئي اھم عھدي تي پھچي وڃي.شايد ئي دنيا جي ڪنھن جمھوري ملڪ ۾ اھڙي سياست جو مثال ملندو ھجي. ھاڻي ھو پريس ڪانفرنس ڪري ترقي يافتھ ملڪن جي پارليامينٽ جي ميمبرن کي جمھوريت سيکاري رھيو آھي.اولھه ۽ آمريڪا کي خراب قرار ڏئي رھيو آھي.

سڄي دنيا جي ميڊيا ۾ عام طور تي رڳو انھن سياسي ليڊرن کي اھميت ڏني ويندي آھي جنھن جي عوام ۾ اھميت ھوندي آھي،ڪنھن بھ سياستدان  جي ڪاميابي  جو بنهھ سادو ماپو آھي.اول تھ ان جي عوام ۾ ڪيتري حمايت ۽ مقبوليت آھي.ٻيو تھ اھو ڪيتري قدر بحث جو موضوع بڻجي ٿو.پي ٽي آءِ، جو باني ان پئماني تي آساني سان پرکي سگھجي ٿو.ھر تجزئي ۾ عام طور سندس ذڪر ٿئي ٿو.مقبوليت جو ثبوت 8 فيبروري جون چونڊون ھيون.جنھن کي ھاڻي آمريڪا بھ ھڪ فراڊ قرار ڏنو آھي.جنھن ۾ ڌانڌلي جي ذريعي پي ٽي آءِ، جي اڪثريت کي اقليت ۾ بدلايو ويو.

ھن ڀيري عمران خان سڌي ريت عوام کي آچر واري ڏينھن ڊي چوڪ اسلام آباد پھچي ڪري ڌرڻي ھڻڻ جي اپيل ڪري ڇڏي آھي.24 نومبر تي پي ٽي آءِ، جو احتجاج جي شڪل ۾ ھڪ طوفان اچي رھيو آھي،تبديل ٿيل حالتن ۾ ان کي روڪڻ جي ڪوشش، عوامي حمايت کان محروم حڪمران جماعتن جي لاءِ خودڪشيءَ جي برابر ھوندو.ان احتجاج کي اڳوڻي  ۽ رواجي طريقي سان روڪڻ ھڪ اھڙي بندوق سان فائر ڪرڻ برابر ھوندو جنھن جي نالي جو منھن ھلائڻ واري ڏانھن ھوندو آھي.يعني گولي ھلائڻ واري کي پاڻ لڳندي آھي.معنيٰ حڪومت جي اھڙي قدم سان سمورو نقصان سرڪاري سياسي جماعتن کي ئي ٿي سگھي ٿو.

مھيني کن ۾ صورتحال ۾ وڏي تبديلي اچي وئي آھي، جنھن جا بنهھ سادا سبب آھن،پي ٽي آءِ، جي اعلانن موجب ھي احتجاج عالمي سطح تي ٿي رھيو آھي،جنھن ۾ امڪاني طور تي آمريڪا،برطانيا،ڪئناڊا،فرانس،جرمني، آسٽريليا ۽ ٻين ملڪن ۾ بھ احتجاج ٿيندو. اھو ھڪ ڏينھن جو احتجاج نھ ھوندو بلڪھ ڊگھي وقت  وارو احتجاج ٿي سگھي ٿو.ان  جي لاءِ احتجاجي جلوس کي اسلام اباد پھچڻ ۾ ڪيترائي ڏينھن لڳي ويندا ۽ جلوس ۾ شامل ماڻھن کي ڪرفيو جھڙي رڪاوٽ  پار ڪرڻ ۾ ڏھ ڏينھن يا ان کان بھ وڌيڪ ڏينھن لڳي سگھن ٿا. ھڪ اھڙو احتجاج جيڪو اڻ ڄاڻايل مدي لاءِ ٿي سگھي ٿو .جئين ئي ان احتجاج  کي روڪڻ جو ڪريڪ ڊائون شروع ٿيندو،حڪومت ان جي منفي اثرن سان پيدا ٿيندڙ تباھي جو جائزو وٺي سگھي ٿي ۽ اندازو لڳائي سگھي ٿي تھ انھي ءَ ڏينھن کان حڪومت جي لاءِ خطرا شروع ٿي ويندا. ھن وقت  حالتون مڪمل طور تبديل ٿي ويون آھن.آمريڪا ۽ اولهھ جا ملڪ پاڪستان ۾ انساني حقن جي صورتحال تي ڪاوڙيل آھن،آمريڪي صدارتي چونڊن ۾ ٽرمپ جي ڪاميابي بعد دنيا ۾ وڏين تبديلن جا چٽا اشارا ملي رھيا آھن.اعليٰ سطح تي ان تي غور بھ ڪيو پيو وڃي.

پاڪستان (ٽوئيٽر) بند ڪري ڇڏيو آھي،جنھن جي سربراھ ايليون مسڪ نئي چونڊيل صدر جو تمام ويجھو دوست آھي.اھو بھ ھڪ اھڙو مسئلو آھي جنھن جي اثرن جي ڪري حڪومت کي پيش ايندڙ خطري کي نظرانداز ڪيو ويو آھي. عمران خان جو جيل ۾ رھڻ ھڪ اھڙو مسئلو آھي.جيڪو حڪمران جماعتن کي وڌيڪ ڪمزور ڪري رھيو آھي ۽ عمران خان جي گرفتار ھجڻ جي ڪري سڄي دنيا ۾ سندس وڌيڪ مقبولت وڌي رھي آھي ۽ اھو پاڻ سڄي دنيا ۾ بحث جو موضوع بڻيل آھي. پاڪستان ۾ بھ ان کي وڌ کان وڌ مقبوليت ملي رھي آھي.ٻئي پاسي ملڪ ۾ وڌندڙ مھانگائي،بيروزگاري،ٽرانسپورٽ ، صحت ۽ صفائي جي سھولتن جي کوٽ سميت ڪاروباري ۽ صنعتي مندي جي صورتحال اتي پھچي وئي آھي، جنھن سان اقتدار ۾ ويٺل جماعتون عوام ۾ مقبوليت وڃائي ويٺيون آھن.

اھڙي موقعي تي سرڪاري عھديدار اھڙا بيان ڏين ته ملڪ جي معيشت ترقي ڪري رھي آھي، تھ شايد ئي ڪو انھن جي ڳالھھ تي اعتبار ڪندو ھجي.معيشيت جي ماھر ڊاڪٽر حفيظ پاشا جو چوڻ آھي تھ اقتدار ۾ ويٺل اشرافياساڍن چئين ارب رپين جون رعايتون حاصل ڪيون آھن.11 ڪروڙ ماڻھو غربت جي ليڪ کان ھيٺ زندگيءَ گھاري رھيا آھن.2 ڪروڙ ماڻھو گھر ويھي رھيا آھن يا ڪو ڪم نٿا ڪن.کاڌي پيتي جي شين جي قيمتن ۾ سٺ سيڪڙو اضافو ٿي ويو آھي، ڪپھه جي پيداوار ۾ گھٽتائي ٿي آھي.جنھن ڪري ان جو ھدف حاصل ڪرڻ مشڪل نھ پر ناممڪن آھي.انھن انگن اکرن مان ظاھر ٿئي ٿو تھ ملڪ جو معاشي بحران وقت گذرڻ سان گڏ وڌيڪ گھرو ٿي رھيو آھي.

ھاڻي جڏھن پي ٽي آءِ، احتجاج جو اعلان ڪيو آھي تھ حڪومت جي عھديدارن جا ڌمڪي وارا بيان اچي رھيا آھن تھ انھن ماڻھن جا سڃاڻپ ڪارڊ  رد ڪنداسين، يعني ھڪ نئين احتجاج کي جنم ڏيڻ جي ڳالھھ ڪئي پئي وڃي. جنرل ايوب خان بھ اھڙو ئي ڪم ڪيو ھو. ڪجهه شاگردن کي ادارن مان ڪڍڻ تي سڄي ملڪ جا شاگرد ٻاھر نڪري آيا ھئا ۽ پوءِ اقتدار ايوب خان جي ھٿن مان وڃائجي چڪو ھو.اصل ۾ احتجاج روڪڻ جون ڌمڪيون پي ٽي آءِ، ڪارڪنن کي ڊيڄارڻ جو ھڪ چئينليج آھي.حڪمران  سمجھن ٿا تھ حڪومت جي ھڪ ئي ڌمڪي سان  پي ٽي آءِ، جا ڪارڪن ميدان مان ڀڄي ويندا،پي ٽي آءِ، جا ڪارڪن ڪيتري حد تائين انھن ڌمڪين جو اثر وٺندا،ان بابت جلد ئي خبر پئجي ويندي.

ڇا محسن نقوي ۽ فيصل واوڊا جو اھو خيال درست ٿي سگھي ٿو تھ پي ٽي آءِ، جا ڪارڪن ايترا ڀاڙيا ۽ بزدل آھن جو اھي ڌمڪي جي نتيجي ۾ پوئتي ھٽي ويندا.زميني حقيقتون ان جي ابتڙ نظر اچي رھيون آھن.پي ٽي آءِ، جون تياريون زور شور سان جاري آھن.حڪومتي بيانن سان ھن احتجاج کي عالمگير شھرت ملي رھي آھي.پي ٽي آءِ، جي حڪمت عملي پنھنجي جاءِ تي ڪامياب يا ناڪام جيڪا بھ ٿئي،پر حڪومت جي اپاءَ تبديل ٿيل صورتحال سان مطابقت نھ ٿا رکن.انھن قدمن جو سڌي ريت فائدو پي ٽي آءِ، کي ٿي رھيو آھي.جھڙي طرح سان بيان بازي عمران خان جي زال جي باري ۾ ڪئي وئي آھي.ان جو بھ منفي اثر پئجي رھيو  آھي.ڇڪتاڻ وڌي رھي آھي.حڪومت ڇڪتاڻ گھٽائڻ ۾ دلچسپيءَ نھ ٿي رکي.بلڪھ ٽڪراءَ جو رستو  اختيار ڪري رھي آھي.جنھن جو اصل نقصان خود حڪومت کي ٿيندو.بھرحال ايندڙ  ڪجهه ڏينھن ملڪي سياست جي لاءِ ھنگاميھ خيز ھوندا،حڪومت پريشان نظر اچي ٿي ۽ احتجاج کي روڪي ٿي تھ ان جو نقصان ٿي سگھي ٿو ۽ ماڻھن جي ميڙاڪي کان بھ ڊڄي ٿي،ابتن سبتن طريقن سان ان پيدا ٿيل صورتحال جو حل ڳولڻ قطعي ناممڪن آھي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.