دنيا ۾ ڪجهه عرصي کان ڊجيٽل ٽيڪنالوجي تي انسان ڀاڙي رھيو آھي.ھر جديد ٽيڪنالوجي جيان ڊجيٽل بھ انسان ذات لاءِ گھڻيو آسانيون پيدا ڪيون آھن،وقت،پئسي جي بچت سان گڏ معلومات جي ذخيري انسان جي زندگيءَ ۾ انقلاب آڻي ڇڏيو آھي.
ھن وقت جي ڊجيٽل ورلڊ جي وڏي خبر ھي آھي تھ ايران اسرائيل جي سيڪريٽ شيرڊ ويليديٽر سسٽم ( SSV ) بلاڪچين نيٽ ورڪ کي هيڪ ڪري ورتو آهي،اھو سسٽم اسرائيل جو جاسوسي ادارو موساد ھلائي ٿو.اڻ تصديق ٿيل خبر موجب ايران اٺ ٽيرابائيٽس جيتري ڊيٽا ھيڪ ڪئي آھي.جنھن ۾ ڳچ معلومات،تفصيل، ان جا جذيات ۽ ڊيٽا آھي.جنھن سان ايران کي تمام وڏي برتري حاصل ٿي وئي آھي.موساد ھن سسٽم کي ٻين ملڪن ۾ موجود پنھنجي آپريٽرز سان ھلائيندي آھي.جنھن بابت چيو پيو وڃي تھ ايران کي هاڻي انهن سڀني جي ذاتي معلومات تائين رسائي حاصل ٿي وئي آهي
ايران ۽ اسرائيل جي وچ ۾ سائبر جنگين جون خبرون اڪثر اينديون رھن ٿيون.جيڪڏهن ايران اسرائيل جي ايس ايس وي بلاڪ نيٽ ورڪ کي هيڪ ڪيو آهي، تھ اھاھڪ تمام وڏي پيش رفت ٿي سگهي ٿو.ايس ايس وي اسرائيل جو (سيڪريٽ شيرڊ ويليڊٽر سسٽم آھي)جنھن جي هيڪنگ جا سنگين نتيجا ٿي سگهن ٿا.
ان سان ھڪ تھ اھو ثابت ٿي ويندو تھ بلاڪچين نيٽ ورڪ کي هيڪ ڪري سگھجي ٿو ڊيٽا چوري ٿي سگھي ٿي، معلومات ۾ ڦيرڦار ٿي سگھي ٿي، يا نيٽورڪ ڪارڪردگي کي متاثر ڪري سگھجي ٿو.جيڪڏهن اهو نيٽ ورڪ اسرائيل جي دفاعي يا حڪومتي نظامن سان سلھاڙيل آهي تھ پوءِ اهو سائبر جنگ ۾ هڪ ٻيو اهم قدم سمجهيو ويندو.
ايران ۽ اسرائيل جي وچ ۾ سائبر حملا جاري تڪرار جو حصو آهن. جيڪڏهن حملي جي تصديق ٿي وڃي ٿي، اها ايران جي اسرائيل جي ٽيڪنالوجي انفراسٽرڪچر کي نشانو بڻائڻ جي ھڪ ٻي ڪامياب ڪوشش ٿي سگھي ٿي.
بلاڪ چين ڊجيٽل دنيا جي هڪ جديد ڊجيٽل ٽيڪنالوجي آهي جيڪا معلومات کي محفوظ ۽ شفاف طريقي سان ذخيرو ڪرڻ لاءِ استعمال ڪئي ويندي آهي. اهو هڪ غير مرڪزي ۽ ورهايل ليجر سسٽم آهي، جيڪو مرڪزي سرور جي بدران ڪيترن ئي ڪمپيوٽرن (نوڊس) تي هلندو آهي.
بلاڪ چين جو ڍانچو ڪئين ڪم ڪري ٿو..هڪ بلاڪچين ۾ معلومات "بلاڪ” جي صورت ۾ ذخيرو ٿيل آهي ۽ هر بلاڪ اڳوڻي بلاڪ سان ڳنڍيل آهي، هڪ زنجير جي ھڪ ڪري جيان مليل آھي. هر بلاڪ ۾ ڊيٽا، وقت، ۽ پوئين بلاڪ جو هڪ منفرد ڪوڊ (هيش) شامل آهي.
ھن سسٽم جي شفافيت بابت چيو وڃي ٿو تھ سوري ٽرانزيڪشن جو رڪارڊ عوامي رسائي جي طور تي موجود آهن، پر حساس معلومات اتي موجود تھ آھي پر اھا انڪوڊ ٿيل آهي.
سيڪيورٽي جي حوالي سان ڄاڻايل آھي تھ ان سسٽم ۾ ڊيٽا انڪريپٽ ٿيل ۽ غير تبديل ٿيل آهي، جنھن سان فراڊ جا امڪان گھٽجن ٿا.ڊي سينٽرلائزيشن جو مطلب آھي تھ ڪو به مرڪزي اختيار ان کي ڪنٽرول نٿو ڪري، بلڪه سڄو نيٽ ورڪ ان کي هلائي ٿو.هڪ دفعو جيڪا ڊيٽا بلاڪ چين ۾ ذخيرو ٿي تھ ان کي ختم يا تبديل نٿو ڪري سگهجي.
بلاڪ چين جو استعمال، ڪرپٽو يا ڊجيٽل ڪرنسي جهڙوڪ نٽ ڪوئن ۽ ٿيريم Ethereum بلاڪ چين تي ٻڌل آهن.ان سان گڏوگڏ سپلاءِ چين مينيجمينٽ ۾ پيداوار جي ترسيل ۽ اصليت کي ٽريڪ ڪرڻ بھ ھن نظام کي ڪتب آندو وڃي ٿو.ھن ڊجيٽل نظام سان صحت ۽ اليڪشن جي چونڊ ۾ بھ ڪافي آساني ٿئي ٿي.
بلاڪ چين هڪ انقلابي ٽيڪنالوجي آهي جيڪا مختلف شعبن ۾ شفافيت، سيڪيورٽي ۽ اعتماد فراهم ڪري رهي آهي. ان جي مقبوليت ڏينهون ڏينهن وڌي رهي آهي ۽ اهو مستقبل جي ڪيترن ئي ٽيڪنالوجيز جو بنياد بڻجي سگهي ٿي.
بلاڪچين تي جوڙيل يا ترتيب ڏنل پروگرام خودڪار معاهدي يعني انساني عمل دخل بنا مڪمل ڪيا ويا آهن.جئين جيڪڏهن اھو معاهدو بيان ڪري ٿو ته ادائيگي صرف سامان جي پھچڻ کانپوءِ ٿيڻ گهرجي.بلاڪ چين جو سسٽم صارف کي ڪنهن پراڊڪٽ جي اصليت يا معيار بابت ڪافي حد تائين درست معلومات مهيا ڪري سگهي ٿو.
بلاڪچين جو استعمال مختلف شعبن ۾ تيزي سان وڌي رهيو آهي. هي ٽيڪنالوجي نه رڳو شفافيت ۽ سيڪيورٽي فراهم ڪري ٿي پر وقت ۽ پئسو به بچائي ٿي. اهو مستقبل ۾ ڪيترن ئي انقلابي تبديلين جو بنياد بڻجي سگهي ٿو.