روس يوڪرين ڇڪتاڻ جنگ ۾ بدلجڻ جا امڪان

تحرير: نثار لغاري

ٽراٽسڪي  (روسي آڪٽوبر  انقلاب جو  هڪ ڪردار )  ڪافي سال اڳ اهو لکيو هو ته پهرين عالمي جنگ ضرور لڳندي ڇاڪاڻ  ته سرمائيداري نظام سامراجيت آھي  توسيع پسندي  ان جي جوھر ۾ شامل  آهي   انڪري جنگ ۾  مسلسل رهڻ  هن جو جوھر آهي  ٻن وڏين  عالمي جنگن کان پوءِ  سرد جنگ  جو 1991ع  تائين جاري رهڻ انهي حقيقت کي ظاهر ڪري ٿو 2001ع  ۾  دهشتگردي خلاف نام نهاد جنگ شروع ڪئي وئي  جيڪا نائين اليون جي واقعي کان پوءِ شروع ڪئي وئي  انهيءَ  سڄي واقعي تي گهڻو  ڪجهه لکجي چڪو آهي ته  اهو پاڻ  آمريڪي ايجنسين ڪرايو هو يا ڪرڻ ڏنو  ته جئين  دنيا ۾  ٻين ملڪن کي عالمي طاقتن ۾ بدلجڻ نه ڏجي  چين  خاص طرح ۽  روس پر  اهو ڪيستائين  ائين رهي ها.

يورپ ۾ فيبروري 2023  ۾  روس کي يوڪرين  تي حملو ڪرڻ  لاءِ  مجبور ڪيو ويو  جيڪا جنگ ٻن سالن کان جاري آهي  فيبروري 2025ع ۾  ان کي ٽي سال ٿي ويندا آمريڪي  تجزيي نگارن جو خيال هو ته هڪ سال ۾  روس  جنگ سبب ويهجي  ويندو پر ائين نه ٿيو. اڳي آمريڪا لڪي يوڪرين جي  مدد ڪري رهيو هو پر هاڻي آمريڪي  بيلسٽڪ ميزائيلن سان روس جي اندر حملو ڪري رهيو آهي 19 هين نومبر 2024ع تي هڪ دفعو وري  روس  ۾ آمريڪي ميزائيلن سان حملو ڪيو ويو آهي اهو خيال ڪيو پئي ويو ته  نئين آمريڪي صدر ٽرمپ جي اچڻ  سان سندن پاليسي  بدلجي وئي ڇو ته ڊونالڊ ٽرمپ  چين کي پنهنجو پهريون  دشمن سمجهي ٿو  جيڪو  سخت مقابلي ۾  به آهي.

هن وقت هڪ طرف عرب خطي ۾  فلسطيني عوام  تي جنگ مڙهيل آهي ٻئي طرف يوڪرين جنگ  آهي هي جنگون ختم ٿي ويون ته وري ٻيون جنگون شروع ٿي وينديون جيستائين سوشلزم ڪميونزم  نٿو اچي  يا سرمائيداري جنهن ۾ سامراجي نظام جو ڪو ٻيو  متبادل  نٿو اچي   هي جنگي سلسلو جاري رهندو  لکين ماڻهو  وري به مارجي سگهن ٿا. آمريڪي ادارن  اهو الزام هنيو آهي ته  يوڪرين جنگ ۾  اتر ڪوريا  جا فوجي جيڪي 10 هزار کان مٿي آهن. شڪ موجب اتر ڪوريا جي فوجن جي شامل ٿيڻ يوڪرين جنگ کي ويتر ڀڙڪائي ڇڏيو آهي .آمريڪا جي بچاءُ واري کاتي روس جو اھو نئون الزام رد ڪري ڇڏيو آهي ته آمريڪا يوڪرين جنگ کي وڌيڪ خطرناڪ صورتحال ڏانهن ڌڪي رهيو آهي. بچاءُ واري وزارت جي عملدارن چيو آھي ته ماسڪو ۽ ان جا اتحادي ڇڪتاڻ وڌائي رهيا آهن.ڪن ميڊيا رپورٽن موجب آمريڪا جي صدر جو بائيڊن يوڪرين کي اھا اجازت ڏئي ڇڏي آهي ته هو آمريڪا پاران ڏنل ميزائيل روس جي ڏوراھن شھرن تائين فائر ڪري سگھي ٿو.آمريڪا جي ’ڊپارٽمينٽ آف ڊفينس’ جي عملدارن اھڙين رپورٽن جي تصديق نه ڪئي آھي.

”وائس آف آمريڪا“ جي هڪ سوال جي جواب ۾ پينٽاگان جي ڊپٽي پريس سيڪريٽري، سبرينا سنگهه چيو ته اتر ڪوريا جي فوجين جي جنگ ۾ شموليت سان ’ٻرنديءَ تي تيل ھارڻ‘ وارو ڪم ٿي رهيو آهي.هن چيو ته اتر ڪوريا جون فوجون يوڪرين جي ھڪ خودمختيار علائقي تي قبضي  لاءِ استعمال ٿي رھيون آھن، جيڪو ھڪ چِڙ ڏياريندڙ عمل آھي.

آمريڪي عملدارن موجب اتر ڪوريا جا گهٽ ۾ گهٽ 11 هزار فوجي ڪرسڪ نالي علائقي ڏانهن وڌي رهيا آهن، جنهن تي يوڪرين گذريل سال قبضو ڪيو ھو.روس جي ترجمان، دمتري پاسڪوف چيو آهي ته جيڪڏهن يوڪرين روس تي آمريڪا جا ڏنل ميزائيل فائر ڪيا ته جنگ وڌي ويندي.يوڪرين جو صدر ولاديمير زيلينسڪي مهينن کان اھا ڪوشش ڪري رهيو آهي ته واشنگٽن کيس پري تائين مار ڪندڙ راڪيٽ روس جي اندرين شھرن تائين فائر ڪرڻ جي اجازت ڏئي.صدر بائيڊن ان جي اجازت نه ڏني هئي، ڇاڪاڻ ته اهو خدشو موجود هيو ته ان سان تڪرار وڌي ويندو ۽ ’نيٽو‘ کي به وڪوڙي ڇڏيندو، پر روس ۾ اتر ڪوريا جا فوجي اچڻ سان ھاڻي واشنگٽن ۾ ڳڻتي پيدا ٿي وئي آهي.

آمريڪا جو چوڻ آهي ته آمريڪي ميزائل روس ۽ اتر ڪوريا جي فورسز خلاف ڪرسڪ جي علائقي ۾ استعمال ٿي سگهجن ٿا.آچر ڏينھن روس جي ھڪ بيلسٽڪ ميزائل يوڪرين جي اتر واري علائقي جي شهر سمي جي رهائشي علائقي کي نشانو بڻايو، جنهن ۾ 11 ماڻهو مارجي ويا.روس يوڪرين جي تيل ۽ گئس جي ذخيرن تي پڻ بمباري ڪئي آھي.سومر تي ڪيل ھڪ ٻئي روسي حملي ۾ اوڊيسا جي ٻن رهائشي عمارتن ۾ باهه لڳي وئي جتي گهٽ ۾ گهٽ 8 ماڻهو مارجي ويا.يوڪرين جي صدر زيلينسڪي چيو آهي ته روس کي جنگ ختم ڪرڻ تي مجبور ڪيو وڃي.زيلينسڪي ھڪ تقرير ۾ چيو ته اڄ روس طرفان جنگ جو سڀ کان وڏو ۽ خطرناڪ حملو ڪيو ويو، جنھن ۾ 210 ڊرونز ۽ ميزائل هڪ ئي وقت فائر ڪيا ويا.هي سڀ عمل جنگي جنون کي عروج تائين پهچائي ڇڏيندا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.