07 آڪٽوبر2023ع کان غزه ۾ جاري اسرائيلي جارحيت انسانيت جا سڀئي ليڪا لتاڙي ڇڏيا آهن، گڏيل قومن کان ويندي انساني حقن جي دعويدار ادارن توڙي عالمي ضمير سڀ جو سڀ خاموش تماشائي بڻيل آهن. مشرقي تيمور، ڏکڻ سوڊان کي آزادي ۽ يوڪرين مٿان روسي حملي خلاف ويڙهه کي آزادي جي جنگ جڏهن ته ڪشمير ۽ فلسطين ۾ پنهنجي ڌرتيءَ ۽ قوم جو تحفظ ڪندڙ مجاهدين کي دهشتگرد قرار ڏيڻ مان اولهه جو ٻٽو معيار ۽ اسلام دشمني صاف نظر اچي ٿي جنهن جي جيتري مذمت ڪجي اها گهٽ آهي.
اسرائيلي جارحيت ۽ فلسطيني عوام جي نسل ڪشي کي هڪ سال ھڪ مھينو کان وڌيڪ عرصو گذرڻ کان پوءِ ڪجهه مسلمان ملڪن جي حڪمرانن جي آخرڪار غيرت جاڳي،11 نومبر تي سعودي عرب جي ميزباني هيٺ رياض ۾ عرب اسلامي سربراهي ڪانفرنس منعقد ڪئي وئي.هن کان اڳ اسرائيلي غزه کي مٽيءَ جو ڍير، 50 هزار کان وڌيڪ ماڻهو شهيد، هزارين زخمي، هزارين لاپتا ۽ گرفتار جڏهن ته لکين ماڻهن کي کاڌ خوراڪ، پاڻي ۽ دوائون فراهم ڪرڻ وارن ادارن تي بندش لڳائي فاقه ڪشي جو شڪار ڪري ڇڏيو، اسڪول ۽ اسپتالن سميت غزه جي هر بلڊنگ کي تباهه ڪري غزه جي 90فيصد عوام کي خيمن ۾ پناهه وٺڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو. مزاحمتي تحريڪ “ حماس” جي اڳواڻ اسماعيل هانيه، يحى سنوار سميت حزب الله جي اڳواڻ حسن نصرالله کي ڌيءَ سميت ڪيترن ئي اڳواڻن کي شهيد ڪري ڇڏيو ۽ غزه کان پوءِ لبنان مٿان به جارحيت ڪري 3500سئو کان وڌيڪ شهرين کي شهيد ۽ وڏي پيماني تي رهائشي عمارتن کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي. حقيقت هيءَ آهي ته ايٽم بم کان وٺي تيل، سون، گيس سميت قدرتي ذخيرا هجڻ باوجود 57 اسلامي ملڪن جي سربراهي اجلاس ۾ ڪي عملي قدم کڻڻ بدران فقط مذمتي ٺهراءُ پاس ڪرڻ سان اُمت کي سخت مايوسي ٿي آهي.ائين کڻي چئجي ته هي اجلاس به ماضي جي اجلاسن وانگر کائڻ پيئڻ ۽ ڪچهري کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه هو. ٻيو ڪجهھ نه کڻي صرف اسرائيل ۽ ان جي مدد ڪندڙ ملڪن جي مصنوعات توڙي تجارتي ۽ سفارتي بائيڪاٽ جو فيصلو ڪيو وڃي ھا ته به وڏي ڳالهه ھئي.
عرب ملڪ صرف تيل ڏيڻ ئي بند ڪن ته اسرائيل گوڏا کوڙي ڇڏي پر ان کان وڌيڪ افسوسناڪ ڳالهه ڇا ٿي سگهي ٿي جو جنهن مهل عرب اسلامي ڪانفرنس جاري هئي تڏهن اسرائيل غزه مٿان حملا ڪري هڪ سئو کان وڌيڪ معصوم عورتن، ٻارن ۽ جوانن کي شهيد ڪري ڇڏيو، ڄڻ ته هو عرب اسلامي ڪانفرنس ۾ شريڪ حڪمرانن کي اهو نياپو ڏئي رهيو هو ته هوءَ فلسطينين جو ائين ئي قتل عام جاري رکندو ڇو ته ڪير به سندس وار ونگو نٿو ڪري سگهي، اوهان کڻي ڪيترا به اجلاس ڪريو ڪجهه به ڪونه ورندو. ڪشمير فلسطين ھجي يا بوسنيا برما ۾ مسلمانن جو قتل عام جاري آھي پر ان کي روڪڻ ٽوڪڻ وارو ڪونه آھي. ڪاڏي ويا اسلامي ايٽم بم ، 57ملڪن مان 40 ملڪن جي گڏيل اسلامي فوج جو به ڪو نانءُ نشان ڪونھي. وري به شابس ھجي ھڪ اسلامي ملڪ ايران کي جنھن سر جو سانگو لاھي مظلومن جي مدد ۽ حسب حال جوابي ڪارروائيءَ ڪري رھيو آھي ، ٻيا ملڪ ته خالي آيو ڙي آيوڙي کان به لنوائي رھيا آھن.
اها حقيقت به آهي ته ڪيترائي اسلامي ملڪ جنهن ۾ عرب ۽ غير عرب شامل آهن اسرائيل جي مخالفت فقط بيان بازي تائين ڪن ٿا جڏهن ته اندروني طرح سان هو جارح ۽ قابض يهودي رياست سان ڪاروبار سميت هر قسم جا لاڳاپا جاري رکيو پيا اچن. مطلب ته عرب سربراهي ڪانفرنس جو انعقاد “ نه دشمن کي ڀئو نه سڄڻ کي آسرو” وانگر ھئي. جيڪا بظاھر بغير ايجنڊا شروع ۽ بناڪنھن نتيجي ختم ٿي مطلب ته اھو اجلاس صرف خانا پوري کان سواءِ ٻيو ڪجهھ به نه ھو.