گڏاپَ ۾ ٿڌي ڊيم واري پاسي موجود گهاڙيون قبرون ، پَهڻن تي ٿيل چِٽسالي ۽ ٻيا ماڳَ

تحرير: امين جويو

سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ ڪراچي ، هونئن ته ڪيترين ئي ڳالهين سبب مشهور ۽ اهميت جوڳو آهي ، پر ملير ضلعي ۾ موجود گڏاپَ واري پاسي بابت تمام گهٽ ماڻهن کي ڄاڻ هوندي. تنهن ڪري اڄوڪي هن مختصر مضمون ۾ گڏاپَ ۽ ان جي پَسگردائيءَ بابت ڄاڻ ڏيڻ جي ڪوشش ڪبي.

جيئن ته سائين گُل حسن ڪلمتي جي ڪري منهنجي وابستگي گڏاپَ سان تمام گهڻي رهي آهي ، ان ڪري گڏاپَ ۾ موجود قديم آثارن ، ٿڌي ڊيم ، گهاڙي قبرن ، موکي متارن واري ماڳَ ۽ ٻين گهمڻ ڦرڻ جي جاين تي وڃڻ ٿيندو رهندو آهي.

گڏاپَ وارو سمورو عِلائقو خوبصورت ، سرسبز ۽ ڏسڻ وٽان آهي ، پر خاص طور تي گرمين جي مُندَ ۾ ٿَڌو ڊيم ۽ گڏاپَ جي ٻَيلي وارو پاسو ضرور گهمڻ گهرجي . هن ٻيلي ۾ ڪجهه اهڙا ته ناياب نسُل جا پَکي موجود آهن جيڪي سنڌ جي ڪنهن به ٻئي علائقي ۾ نه ٿا ملن!.

ان کان سواءِ ٿڌي ڊيم ڀرسان موجود جبلن ۾ ڪجهه هنڌن تي پَهڻن ۽ ڇِپُن تي قديم سنڌو تهذيب جي لوڪَن پاران شاندار چِٽسالي يا اُڪر ٿيل آهي ، جنهن کي محفوظ ڪرڻ ۽ ڦوٽو گرافي يا وڊيو گرافي ذريعي عام ماڻهن تائين پهچائڻ جي اَشد ضرورت آهي.

گڏاپَ ۾ ڪيترين ئي جاين تي گهاڙِي قَبروُن پڻ موجود آهن جن کي چئودِيواري ڏيارڻ ۽ انهن کي محفوظ ڪرڻ جي ضرورت سخت آهي ، ڇو ته بَحريا ٽائون وارن جي رهائشي اِسڪيمن لاءِ وڌندڙ حد دخلي جي ڪري ، ڪجهه ئي عرصي ۾ اهي قديم ۽ ناياب گهاڙي قبرون ، ٿڌي ڊيم ڀرسان موجود جبلن تي ٿيل قديم چِٽسالي ، قديم نيئن جا وهڪرا ۽ ڪجهه ٻيا قديم آثار به بحريا ٽائون جي والارَ هيٺ اچي ويندا ۽ هميشه جي لاءِ ختم ٿي ويندا !

جيڪڏهن سنڌ حڪومت جو سياحت ۽ قديم آثارن وارو کاتو ، گڏاپَ ۾ موجود مٿي ذڪر ڪيل قديم آثارن ۽ ٻين جاين کي بچائڻ يا محفوظ ڪرڻ لاءِ تُرت اُپاءَ وٺي ته گڏاپَ ۾ موجود ڏيهي ماڻهن ۽ سنڌ حڪومت کي هيٺيان فائدا حاصل ٿي سگهن ٿا؛

  1. گڏاپ ۾ ٽوئر ازم شروع ڪرائي سگهجي ٿو ، جنهن ۾ سياحن کي مٿي بيان ڪيل ماڳ مڪان ۽ گڏاپ جو سرسبز ۽ شاداب عِلائقو گهمائي سگهجي ٿو ، جنهن سان سِڌو سَنئون سنڌ حڪومت ۽ گڏاپ جي مقامي ماڻهن کي فائدو حاصل ٿيندو.
  2. گڏاپ ۾ موجود تهذيبي ۽ ثقافتي شين جي ڄاڻ سموري ملڪ ۽ دنيا تائين ويندي.
  3. جيڪڏهن سنڌ حڪومت جي سياحت کاتي وارا گڏاپَ ۾ موجود تهذيبي ۽ ثقافتي شين جي ڄاڻ وارا بُروشر ڇپرائي ملڪ جي ايئرپورٽن ۽ عوامي جاين تي رکرائين ته سياحن ۾اِهي جايون ڏسڻ جو اُتساهه پيدا ٿيندو، دنيا ۾ گڏاپَ جي پذيرائي ٿيندي ته وري سنڌ حڪومت جي ڪمائي پڻ ٿيندي.
  4. خاص طور تي گڏاپَ ۾ موجود موکي متارن جي ماڳَ ۽ پَهڻن تي ٿيل چِٽسالي وارن جبلن کي سياحت جو مرڪز بڻائي سگهجي ٿو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.