بي جوڙ شاديون ۽ جهرندڙ جوانيون

تحرير: خالده منير

گهريلو وهنوار سماج جي اڏاوت جو بڻ بڻياد آهي، جنهن ۾ نه صرف فرد پر خاندان جون به نه  صرف ذميواريون مقرر ٿيل هونديون آهن، پر سندن حق پڻ اهميت جا حامل ھوندا آهن. سماجي تاڃي پيٽي ۾ خاندان اندر مرد جي ضرورتن وانگي عورت جي به گُهرجن ۽ حق ادا ڪرڻ سان ئي سماجي توازن برقرار رکي سگهجي ٿو، شادي توڙي جو نسل وڌائڻ جي بنيادي ضرورت سمجهي وڃي ٿي پر فطري طور شادي انساني ضرورت جو پڻ حصو آهي.

ڏٺو وڃي ته سنڌ جتي مهمان نوازي، امن، ڀائچاري، ثقافتي ۽ تهذيبي طور ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ هڪ الڳ مقام رکي ٿي، پر اتي ڪجهه سماجي برايون يا وهنوار اڻ وڻندڙ ۽ تڪليف ڏيندڙ ۽ صفا هينئون روڙيندڙ به روز نظرن جي اڳيان گذرندا رهندا آهن، جيڪي گهڻي ڀاڱي وڏيرڪي يا جاگيردار سوچ ۽ ذات پات ۾ وڏ ننڍائي جي بيماري ۾ ورتل طبقي جي هٿرادو جوڙيل رسمن رواجن جي هاڃن، ۽ انهن جي هاڃيڪار اثرن جي شڪل ۾ اڄ به جيئن جو تيئن موجود آهي، اھڙين حالتن کي مرد جي ڀيٽ ۾ عورت وڌيڪ ڀوڳي ٿي ڇاڪاڻ جو گھڻي ڀاڱي گهرو معاملن ۾ فيصلي جا سمورا اختيار مردن وٽ هوندا آهن. جيڪڏهن گھرائي سان ڏٺو وڃي تـ سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ وڏيرن ۽ جاگيردارن جي ڪٽنبن جون عورتون اھڙي صورتحال کي منهن ڏيندي نظر اينديون آهن، هنن کي گهريلو معاملن ۾ فيصلي ڪرڻ جا ڪي به اختيار نه آهن هوءَ  مڪمل طور پيءُ، مڙس يا ڀاءُ جي زيردست رهي ٿي. سنڌ ۾ اڄ به ڪيترائي گهراڻا اهڙا آهن جيڪي پنهنجي نياڻين جي شادي خاندان يا ذات کان ٻاهر نه ڪندا آهن پر ساڳئي خاندان جو  مرد خود هڪ کان وڌيڪ شاديون ڪرڻ جو به مجاز هجي ٿو ته خاندان يا ذات کان ٻاهر به شادي ڪرڻ جو اختيار رکي ٿو، پر پنهنجي نياڻي يا ڀيڻ جي شادي خاندان يا ذات کان ٻاهر ڪرڻ کي عيب يا غيرت جو سوال سمجهندا آهن، ڪيترائي اهڙا بي جوڙ رشتا به طئي ٿيندا رهيا آهن جن ۾ پنج سال جي ٻارڙي سان جوان نينگري جي جو رشتو طئي ڪيو ويندو آھي، اڳتي هلي جڏهن اهو ٻار جوان ٿيندو آهي تيستائين نياڻي پوڙهي ٿي ويندي آهي هن جو جوڀن ختم ٿي ويندو آهي، هن جي جواني ختم ٿيڻ سان هن جا خواب سمورا ٽٽي ڀور ڀور ٿي ويندا آهن.

مون ڪيتريون ئي وڏي ڄمار جون  ڪنواريون عورتون بيواه عورت جهڙيون اجڙيل ڏٺيون آهن، جن جي اکين ۾ سنهري خوابن جا جهرندڙ عڪس دل لوڏي ڇڏيندا آهن، ڪٿي وري پيٽ لکائي وٺڻ يا لکي ڏيڻ جو رواج به اھڙي عرب ناڪ صورتحال کي جنمي ٿو. سڱ چٽي جو رواج ته  بنهھ خراب اثر ڇڏيندو آھي جنهن ۾ جاني دشمنن کي پنهنجي نياڻي جو رشتو ڏنو ويندو آھي جتي ھو سدائين انتھائي ڪدڀ ناڪ زندگي گھارڻ تي مجبور ھوندي آھي. اهڙا بي جوڙ رشتا صرف پنهنجي هٺ ڌرمي پاڻ کي ٻئي کان مٿائون سمجهڻ سبب  ٿيندا آهن، اھڙن رشتن ۾ گھر جا مرد خود پنهنجي هٿن سان پنهنجي نياڻين جي خوشين جا قاتل هوندا آهن، ڪيترائي خاندان اهڙا پڻ آهن جيڪي مال ملڪيت جي ورهاست جي خوف ۾ پنهنجي نياڻين جي شادي نه ڪرائيندا آهن، ڪٿي اڳتي هلي ڇوڪري جو مڙس ڇوڪري جو ملڪيت مان حصو نه وٺي.

دنيا ڀلي ڪيتري به ترقي ڪئي هجي پر اسان جي سنڌي سماج ۾ وڏيرو ۽ جاگيردار اڄ به ان برائي ۾ ورتل آهي. اڄ به ذات پات ملڪيت ۾ ورهاست جي ڪري نياڻين جا حق ماريا وڃن ٿا، شادي نه صرف سماجي ٻڌڻ آهي پر انساني فطرت جي اهم ضرورت به آهي، جهڙي ريت مرد جي عورت ڏانهن ڇڪ هجي ٿي ساڳئي طرح عورت جي به مرد ڏانهن هجي ٿي، هر جوان ڇوڪري جو خواب هوندو آهي ته سندس به  پنهنجو گهر، مڙس ۽ ٻار ھُجن. پر  اهڙا سون سريکا سپنا جڏهن هٿ ٺوڪين ريتن، رسمن، ٺٺ، وڏائي جي اڏوهي کائي ويندي آهي تڏهن هن جو جوڀن تيل ختم ٿيل ڏيئي جيان اجهامي ويندو آهي، ھوءَ زنده هوندي به بيجان لاش مثل هوندي آهي، هر سال شادين جي موسم ۾ اوڙي پاڙي ۾ وڄندڙ دهل ۽ ڳيچن جو آواز کيس وڍ وجهندو رهندو آهي.

نياڻين سان اهڙو ورتاءُ صرف اڻ پڙهيل نه پر اڪثر پڙهيل لکيل ساڃاھ وند گهرن ۾ به هجي ٿو، جڏهن ته اها هڪ برائي آهي پر اسان جي سماج نڪ جي ڏاڍائي سان ان کي پنهنجي وڏ ماڻهپي ۾ شمار ڪري ٿو، جڏهن ته مرد ٻه ٻه زالون رکڻ کانپوءِ به هتي هُتي پيا منهن هڻندا آهن، پر پنهنجي گهر جي نياڻين لاءِ هنن جا جوڙيل قائدا ۽ قانون بنھه نه وڻندڙ هوندا آهن، پنج سال جي ٻار سان مڱايل ويھه سال جي جوان نينگري هن جي وڏي ٿيڻ جي انتظار ۾ پوڙهي ٿي ويندي آهي، ڇوڪرو جوان ٿي پاڻ کان ويهھ سال وڏي مڱ کي قبولڻ لاءِ تيار نه هوندو آهي نتيجي ۾ ڇوڪرو مرد ھُجڻ سبب ان کي اختيار آهي ته هو مڱڻي ٽوڙي پنهنجي پسند سان شادي ڪري ڇڏيندو آهي، ان ۾ قصور ان ڇوڪري جو به نه هوندو آهي جنهن جو مڱڻو ٻاراڻي عمر ۾ ڪيو ويندو آهي پر جيئن ته هو وات وڪيل هوندو آهي شادي کان انڪار ڪري ڇڏيندو آهي، نينگري جا مائٽ سڄو سارو قصور نينگري جي نصيب تي هڻي هٿ ڇنڊي ويهي رهندا آهن. ماءُ ۽ پيءُ جي مرڻ کان پوءِ ساڳي نياڻي ڀائرن جي در تي ڀاڄائين جي اک جو ڪنڊو بڻجي پنهنجي بچيل زندگي گذاريندي آهي. ڇا اسان سماج مان اھڙين ڪُڌين ريتن رسمن کي ختم ڪري پنهنجين نياڻين کي بھتر ۽ محفوظ مستقبل نٿا ڏئي سگھون. ان ڳالهھ کان انڪار ڪري ئي نٿو سگھجي تـ ملڪ جي اڌ آبادي کي نظرانداز ڪري سماج کي ترقي ڏيارڻ ديواني جي خواب کان وڌيڪ ڪجهھ به ناھي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.