اظهر علي کي پي سي بي ۾ اهم عهدو ملي ويو

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان اظهر علي کي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي يوٿ ڊيولپمينٽ جو سربراهه مقرر ڪيو ويو آهي.
پي سي بي موجب، اِهو رول اظهر عليءَ جي موجودا ذميواري جي توسيع هوندي، هن وقت هو قومي سليڪشن ڪميٽيءَ جي رڪن طور پڻ ڪم ڪري رهيو آهي، سندس مقرري ريڪروٽمنٽ واري عمل موجب ڪئي وئي آهي.
ان ڏس ۾ اظهر جو چوڻ آهي هو پي سي بي طرافن اهم ڪردار ملڻ تي فخر محسوس ڪري ٿو ۽ اِهو رول نڀائڻ لاءِ پرجوش آهي.
سندس چوڻ هو ته هو ڪلب ۽ علائقائي ڪرڪيٽ کيڏڻ کانپوءِ اِهو سمجهي ٿو ته مستقبل جي اسٽارز جي ڳولا ۾ گراس روش جي ترقي جو اهم ڪردار آهي، ان شعبي ۾ اڳواٽ ئي اهم اڳڀرائي ٿي آهي ۽ هو پنهنجي ساٿين سان گڏ نوجوانن جي ترقياتي پروگرام کي وڌيڪ اڳتي وڌائڻ لاءِ پرعزم آهي.
واضح رهي ته اظهر علي 2002 ۾ آءِ سي سي انڊر 19 ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ کان پنهنجو سفر شروع ڪيو جنهن کانپوءِ هو سينيئر ٽيم ۾ آيو.
اظهر علي 2010 کان 2022 تائين جي انٽرنيشنل ڪيريئر ۾ هن 97 ٽيسٽ ۽ 53 ون ڊي ميچن ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪئي، هن 9 ٽيسٽ ۽ 31 ون ڊي ميچن ۾ قومي ٽيم جي قيادت پڻ ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.