هن وقت ملڪ اندر وري دهشت گردي جي لهر اڀري آئي آهي ۽ هن ڀيري ان دهشت گردي جو شڪار صوبو خيبرپختون خواهه ۽ بلوچستان آهي. دهشت گردي جي اهڙن واقعن تي هميشه حڪومت ۽ رياست فوري طور اهو رد عمل ڏيندي آهي ته دهشت گردن کي چٿي ڇڏبو. هاڻي ته اهڙين دعوائن تي کل ايندي آهي. شروع ۾ البت اهڙين بيانن ۽ دعوائن تي يقين ڪبو هو پر هاڻي ايئن لڳندو آهي ڄڻ اهو بيان ريڪارڊ ٿيل آهي جيڪو جڏهن به دهشت گردي جو ڪو واقعو ٿيندو آهي ته هلائي ڇڏبو آهي. باقي ان رد عمل جو ڪم عملي مظاهرو ناهي ڪيو ويندو. انهيءَ ۾ به ڪو شڪ ناهي ته دهشت گردن خلاف ملڪ جي فوج ۽ پوليس پنهنجيون جانيون به ڏنيون آهن، شهادتون به ماڻيون آهن پر دهشت گردي خلاف فيصلائتي ڪاميابي ماڻجي ناهي سگهي. آخر ڇو اهو وڏو سوال آهي.
اسان جي ملڪي تاريخ ۾ صرف نواز شريف جي 2013 واري حڪومت ۾ جنرل راحيل شريف جي نگراني ۾ نيشنل ايڪشن پلان وارو هڪ ڀرپور آپريشن ٿيو هو جنهن کي فيصلائتو آپريشن چئي سگهجي ٿو جنهن کانپوءِ مسلم ليگ (ن) جي 2013 واري حڪومت ۾ مڪمل طور تي امن هو. جڏهن ته ان کان اڳ نائين اليون واري واقعي کان پوءِ خاص ڪري طالبان جيڪي بم ڌماڪا ڪرڻ شروع ڪيا سا صورتحال جنگي نوعيت جي بڻجي وئي هئي ۽ هوڏانهن وري آمريڪا پاڪستان ۾ موجود دهشت گردن جي ٺڪاڻن تي ڊرون حملا ڪندو هو.
ان دور ۾ ڪراچي اندر وري مقامي نوعيت جي دهشت گردي جو اوج هوندو هو. ٽارگيٽ ڪلنگ، ڀتاخوري ۽ ٽي ٽي ڏينهن وڳوڙي خوف ناڪ هڙتال هوندي هئي. ان دور ۾ ڪراچي اندر هڪ لساني جماعت ايم ڪيو ايم (الطاف) جو راڄ هوندو هو. انهن ڏينهن ۾ ايم ڪيو ايم جي سربراهه الطاف حسين کان لنڊن مان ٽيليفونڪ خطاب دروان ملڪ دشمن نعرا لڳي ويا جنهن کانپوءِ الطاف حسين ۽سندس جماعت مٿان اڻ اعلانيل پابندي لڳي وئي ايئن ڪراچي مان ايم ڪيو ايم جي خوفناڪ دور جو خاتمو آيو ۽ ڪراچي انتظامي حوالي سان پهريون ڀيرو پ پ کي ملي. پ پ هونئن سنڌ حڪومت ڪندي رهي هئي پر ڪراچي مان گهڻا ووٽ کڻڻ سبب ڪراچي جو انتظامي نظام ايم ڪيو ايم جي حوالي هوندو هو. جنهن بابت وقت ثابت ڪيو ته ڪراچي لاءِ اهو ڪارو دور هو. ان دور ۾ ڪراچي جي سڃاڻپ دنيا جي خوفناڪ ۽ د هشت گرد شهرن طور ٿيندي هئي. اها صورتحال ڇو هئي ۽ ان کي ملڪي اسٽيبلشمينٽ لڳ ڀڳ 30سال ڇو قائم رهڻ ڏنو ۽انهن ٽيهن سالن ۾ جيڪي هزارين بي گناهه ماڻهو ۽ خاندان ان دهشت گردي جو کاڄ ٿيا تنهن جو آخري ذميوار ڪنهن کي چئجي؟
ايئن اهو به سوال پيدا ٿي رهيو آهي ته جيڪڏهن ملڪ اندر نيشنل ايڪشن پلان جهڙوڪ فيصلائتو آپريشن هڪ ڀيرو ممڪن ٿي سگهيو آهي ته اهڙو برجستو آپريشن ان کان اڳ يا پوءِ ٻيو ڀيرو ڇو ناهي ٿي سگهيو .ڇا اهڙو آپريشن رڳو نواز شريف ۽ جنرل راحيل شريف ئي ڪري سگهي ٿو يا پاليسين ۽ مصلحتن جو ڪو مسئلو آهي. اسان نه ٿا سمجهون ته ڪو رياستي ۽ حڪومتي نيٽ ورڪ سان دهشت گردن جو ڪو به نيٽ ورڪ مقابلو ڪري سگهي ٿو ۽ اهو نوازشريف ۽ جنرل راحيل شريف جي 2013 واري دور ۾ ثابت به ٿي چُڪو آهي.
هي اسان جا سوال آهن. انومان آهن ۽ جيڪو ماضي ۾ ٿي گذريو آهي تنهن جو تجربو ۽ مشاهدو آهي. انهن سوالن جا جواب ڀلي ڪهڙا به هجن پر اها حقيقت آهي ته حڪومت جي معيار جو سڀ کان ڪامياب حوالو اهو هوندو آهي ته اها عوام جي جان، مال ۽ عزت جو هر قيمت تي تحفظ ڪري سگهي. اها حڪومت ناڪام سمجهي ويندي آهي جيڪا عوام جي جان، مال ۽ عزت جو اوليتي بنياد تي تحفظ نه ڪري سگهي.
سو ملڪي حڪومت کي حڪومت جي ان معيار تحت حڪومت ڪرڻ لاءِ هر قيمت تي عوام جي جان، مال ۽عزت جو تحفظ ڪرڻو پوندو. پر ڏسجي ته حڪومت ان بنيادي حڪومتي معيار تي ئي پورو نه ٿي لهي. هن وقت به ملڪ جا ٻه صوبا خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان دهشت گردي جي ور چڙهيل آهن. حڪمران دهشت گردي جي خاتمي جا بيان ته روايتي طور ڏين ٿا، دهشت گردي جي مذمت به ڪن ٿا. هنگامي اجلاس به ڪوٺائين ٿا پر دهشت گردي ختم ٿيڻ جو نانءُ ئي نه ٿي وٺي جيڪا ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي. اهو تاثر نه ملڻ گهرجي ته حڪومت دهشت گردن کي منهن ڏيڻ ۾ ناڪام وئي آهي. ٻيو ته حڪومت کي ان پاسي به سنجيدگي سان سوچڻ گهرجي ته دهشت گردي جو کاڄ ٿيل عام ۽ بيگناهه ماڻهن جو ڪهڙو ڏوهه.؟ ۽ آخر ڪيستائين ايئن ئي عام ۽ بي گناهه ماڻهو دهشت گردن جو کاڄ بڻجندا رهندا. هي ته ضمير جو معاملو به آهي اصولي طور تي حڪمرانن کي تيستائين ننڊ ئي نه اچڻ گهرجي جيستائين دهشت گردن کي واقعي به چٿي نٿو ڇڏجي.
هتي دهشت گردي جي حوالي سان هڪ ٻيو به مسئلو آهي ته حڪومت دهشت گرد چئي ڪنهن کي ٿي؟ عام طور تي اهو ڏٺو ويو آهي ته دهشت گردي جي نون قانونن جي اوٽ ۾ هڪڙا سياسي مقصد ماڻيا ويندا آهن ۽ سياسي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي دهشت گرد ڄاڻائي ٽارگيٽ ڪيو ويندو آهي. اهو ٽارگيٽ جيئن ته غلط آهي ۽ سڌو سنئون دهشت گردن کي ٽارگيٽ ناهي ناهي بڻائيندو تنهن ڪري دهشت گردن جي نيٽ ورڪ ۽ ڪاررواين تي ڪو اثر نه ٿو پوي. پنهنجي ملڪ اندر هر دور ۾ ايجنسين ۽ رياست جو ٽارگيٽ سياستدان رهيا آهن، کنڀي گم ٿيلن جي صورتحال سڀني جي آڏو آهي باقي جيڪي وڏا وڏا دهشت گرد آهن سي وري گڊ بڪ ۾ رکيا وڃن ٿا. هاڻي ته حڪومت پاڻ اعتراف ڪري ٿي ته پاڪستان ۾ رهندڙ افغاني به دهشت گردي ۾ ملوث آهن جن مان غيرقانوني طور تي رهيل افغانين کي ملڪ مان ڪڍڻ جي به ڪجهه وقت اڳ مهم هلي هئي پر هڪ تاثر اهو آهي ته انهن ڏانهن نرم گوشو رکيو ويندو آهي. ايئن ڇو آهي سو اڻ جوابيل سوال آهي. جنهن واسطيدار ڌر کي ان جو جواب ڏيِڻو آهي سا بظاهر ته ڳڻتي ۾ آهي پر ڪو رڳو ڳڻتي سان نه ٿيندو، دهشت گردن خلاف فيصلائتو آپريشن ڪرڻو پوندو .