بارڊر – گواسڪر ٽرافي: انتظار جون گهڙيون ختم، ڀارت آسٽريليا دنگل سڀاڻي کان شروع

پرٿ(ويب ڊيسڪ ) ڀارت ۽ آسٽريليا جي وچ ۾ ” بارڊر- گواسڪر ٽرافي “ جي شروعات سڀاڻي کان ٿي رهي آهي، ٻنهي ٽيمن ۾ پنجن ميچن جي ٽيسٽ سيريز کيڏي ويندي.
ڀارتي ڪپتان روهت شرما جي پٽ جي پيدائش سبب پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ حصو نه وٺي سگهندو، سندس جاءِ فاسٽ بالر جسپريت بمرا کي ٽيم جي قيادت سونپي وئي آهي.
آسٽريليا خلاف پهرين ٽيسٽ ميچ کان اڳ پرٿ ۾ ڀارتي ڪپتان جسپريت بمرا پريس ڪانفرنس ڪئي ۽ سيريز بابت پنهنجي ٽيم جي حڪمت عملي بابت ڳالهايو.
ان دوران بمرا هڪ رپورٽر طرفان پاڻ کي ” ميڊيم پيسر “ سڏڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.
رپورٽر بمرا کان سوال ڪيو ته هڪ ميڊيم پيسر آل رائونڊر طور ڀارتي ٽيم جي قيادت ملڻ تي اوهان ڪيئن محسوس ڪري رهيا آهيو؟
اهو ٻڌي بمرا ترت رپورٽر کي ٽوڪيندي چيو ته ميڊيم پيسر؟ مان ڏيڍ سئو ڪلو ميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان بالنگ ڪندو آهيان، اوهان مون کي فاسٽ بالر چئي سگهو ٿا.
بمرا چيو ته هو پاڻ کي فاسٽ بالر ڪپتان طور تي ناهي ڏسي رهيو، هو ڀارتي رانديگر آهي ۽ سندس ڪم پنهنجو بيسٽ ڏيڻ ۽ ٽيم کي اڳتي وٺي وڃڻ اهي.
ڀارتي ڪپتان وڌيڪ چيو ته سيريز لاءِ سندن تيار بهترين رهي، ٽيم ۾ نوان رانديگر به شامل آهن، هار کٽ راند جو حصو آهي، سيريز ۾ سٺي ڪارڪردگي ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪنداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.