ڪراچي ايئرپورٽ تي پرڏيهي عورت وٽان هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ ماليت جي منشيات هٿ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اينٽي نارڪوٽڪس فورس ڪراچي جي جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي ڪارروائي ڪندي پرڏيهي عورت کي ڪوڪين سميت گرفتار ڪري ورتو.
اي اين ايف نجي ايئر لائن ذريعي ڪراچي ايئرپورٽ پهچندڙ برازيلين عورت وٽان 1.396 ڪلو گرام ڪوڪين برآمد ڪئي، جنهن جي ماليت 13.9 ملين رپيا آهي.
اي اين ايف موجب عورت منشيات کي پلاسٽڪ شاپر ۾ لڪايو هو، سندس خلاف منشيات روڪ ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.