ڇا ڳڙ جو استعمال کنڊ کان بهتر آهي؟

ڳڙ جو استعمال عام هوندو آهي پر ڇا اهو کنڊ جو صحتمند متبادل آهي؟
بنيادي طور تي ڳڙ کنڊ جو اهڙو قسم آهي جنهن کي رفائن ناهي ڪيو ويندو، يعني ان ۾ غذائي جُز موجود هوندا آهن جڏهن ته کنڊ ۾ صحت لاءِ فائديمند جُز ناهن هوندا.
ڀارت ۽ پاڪستان ۾ ئي ڳڙ سڀ کان وڌيڪ ٺهندو آهي ۽ ان لاءِ عام طور تي ڪمند جو استعمال ڪيو ويندو آهي.
پر ڇا اهو صحت لاءِ کنڊ کان وڌيڪ بهتر آهي؟
ڳڙ ۾ رفائن کنڊ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ غذائي جُز هوندا آهن.
100 گرام ڳڙ ۾ 383 ڪيلوريز، 0.4 گرام پروٽين، 0.1 گرام سڻڀ، 11 ملي گران آئرن، 1050 ميل گرام پوٽاشيم ۽ 0.5 ملي گرام تائين manganese جهڙا جُز موجود هوندا آهن.
ان سان گڏوگڏ ڳڙ ۾ وٽامنز ۽ منرلز جهڙوڪ ڪئلشم، زنڪ، فاسفورس ۽ ڪاپر جو به ڪجهه مقدار موجود هوندو آهي.
پر ڳڙي جو 100 گرام مقدار تمام گھڻو آهي ۽ ماڻهن کي ايتري مقدار ۾ استعمال نه ڪرڻ گهرجي ڇو جو اهو به کنڊ ئي آهي.
اهو کنڊ جو ڪنهن حد تائين صحتمند متبادل ضرور آهي پر ان جي گھڻي مقدار جو استعمال ڪرڻ نقصانڪار ثابت ٿي سگھي ٿو.
ماڻهن طرفان ڳڙ جي استعمال کي مختلف طبي فائدن جو سبب قرار ڏنو ويندو آهي ان حوالي سان طبي سائنس ڪجهه خاص ڪم ناهي ڪيو تنهنڪري ان کي تصديقي تصورنٿو ڪري سگھجي.
هاضمي جي نظام لاءِ فائديمند
ڪجهه ماڻهن جي دعويٰ آهي ته ڳڙ کائڻ سان هاضمي جو نظام بهتر ٿيندو آهي جڏهن ته آنڊن جا فعل به ٺيڪ ٿيندا آهن جنهن سان قبض جي روڪٿام ٿيندي آهي.
پر ان ۾ فائبر يا پاڻي موجود ناهي ۽ اهي ٻئي قبض جي روڪٿام لاءِ اهم سمجهيا ويندڙ عنصر آهن.
رت جي کوٽ ختم ٿي سگھي ٿي
ڳڙ ۾ آئرن جو مقدار گھڻو هوندو آهي ۽ آئرن رت جي کوٽ کان بچائڻ لاءِ اهم ترين جُز آهي.
کنڊ جي جاءِ تي ان کي کائڻ سان جسم کي آئرن ملي سگھي ٿي پر گھڻي مقدار ۾ کائڻ کان پاسو ڪرڻ گھرجي.
مدافعتي نظام کي مضبوط بڻائي
ماڻهن جي دعويٰ آهي ته ڳڙ کائڻ سان مدافعتي نظام مضبوط ٿيندو آهي ۽ موسمي بيمارين جهڙوڪ نزلي ۽ زڪام کان جلد صحتيابي ۾ مدد ملندي آهي.
ڪجهه شاهدين مان اشارو ملي ٿو ته زنڪ ۽ وٽامن سي جهڙا جُز موسمي بيمارين سان وڙهڻ ۾ مدد فراهم ڪندا آهن پر ڳڙ ۾ ان جو مقدار ڪجهه خاص ناهي هوندو.
پر ان کي کائڻ سان جسماني توانائي ۾ ضرور اضافو ٿيندو آهي جنهن سان بيماري کان پوءِ ٿيندڙ ڪمزوري جي روڪٿام ٿيندي آهي.
ڇا ان سان نقصان ٿي سگھي ٿو؟
گھڻو مٺو کائڻ گھڻن مرضن جو شڪار بڻائي سگھي ٿو.
تحقيقي رپورٽن ۾ گھڻو مٺاڻ کائڻ جي عادت کي ٿولهه، دل جي مرضن ۽ شگر ٽائيپ 2 سان سلهاڙيو ويو آهي.
ڳڙ به کنڊ جو ئي هڪ قسم آهي تنهنڪري ان کي گھڻو کائڻ صحت لاءِ نقصانڪار ثابت ٿي سگھي ٿو.
نوٽ: اهو مضمون طبي رسالن ۾ ڇپيل تفصيلن تي ٻڌل آهي، ان حوالي سان پنهنجي ڊاڪٽر سان به مشورو ڪريو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.