آءِ پي ايل: پاڪستاني رانديگرن لاءِ ” اي آءِ “ ڪيتري ٻولي لڳائي؟

آءِ پي ايل: پاڪستاني رانديگرن لاءِ ” اي آءِ “ ڪيتري ٻولي لڳائي؟
مصنوعي ذهانت (اي آءِ) واري ٽيڪنالوجي پاڪستاني فاسٽ بالر شاهين شاهه آفريديءَ جي انڊين پريميئر ليگ ( آءِ پي ايل ) ۾ امڪاني ٻولي 15 ڪروڙ ڀارتي رپين تائين لڳائي ڇڏي.
ميگا ايونٽ جي پهرئين ايڊيشن کانسواءِ پاڪستاني ڪرڪيٽرز هنيئر تائين آءِ پي ايل ناهي کيڏي، سال 2008ع ۾ آخري ڀيرو پاڪستاني ڪرڪيٽرز آءِ پي ايل ۾ حصو ورتو هو.
شاهد آفريدي، سهيل تنوير، سلمان بٽ، شعيب اختر، مصباح الحق سميت ڪيئي اسٽارز ايونٽ جي پهرئين ايڊيشن ۾ شرڪت ڪئي هئي.
ان کانپوءِ ممبئي حملن کي جواز بڻائي ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ ( بي سي سي آءِ ) پاڪستاني پليئرز جي آءِ پي ايل کيڏڻ تي پابندي مڙهي ڇڏي.
هڪ ڀارتي ويب سائيٽ جي رپورٽ موجب، اي آءِ پروگرام کان جڏهن ته پاڪستاني ڪرڪيٽرز جي موجودا قدر جي لحاظ کان آءِ پي ايل معاوضي بابت پڇاڻو ڪيو ته فاسٽ بالر شاهين آفريدي جي سڀ کان وڌيڪ 15 ڪروڙ ڀارتي رپين ( اٽڪل پنجاهه ڪروڙ پاڪستاني رپيا ) جي ٻولي لڳي.
ان کانسواءِ بابر اعظم لاءِ 12 ڪروڙ، محمد رضوان ۽ حارث رئوف لاءِ 10، 10 ڪروڙ، شاداب خان اٺ ڪروڙ، فخر زمان ڇهه ڪروڙ ۽ امام الحق ٽي ڪروڙ ڀارتي رپين جو حقدار قرار ڏنو ويو .

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.