حارث سهيل رٽائرمينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو؟

لاهور (ويب ڊيسڪ ) قومي ٽيم جي مڊل آرڊر بيٽر حارث سهيل پنهنجي رٽائرمينٽ وارين خبرن کي بي بنياد قرار ڏئي ڇڏيو.
هڪ بيان ۾ قومي ٽيم جي بيٽر حارث سهيل سوشل ميڊيا تي پنهنجي رٽائرمينٽ بابت افواهن کي ” بي بنياد “ قرار ڏنو.
حارث سهيل چيو ته هن رٽائرمينٽ جو ڪو فيصلو ناهي ڪيو ۽ نه ئي سندس اهڙو ڪو ارادو آهي، فارم ۽ فٽنس کي بهتر بڻائڻ تي ڌيان ڏئي رهيو آهيان.
پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي ذريعن معاملي وضاحت پيش ڪندي چيو آهي ته حارث سهيل جي رٽائرمينٽ بابت باظابطا طور اطلاع ناهي مليو.
واضح رهي ته حارث سهيل ماضيءَ ۾ ٽنهي فارميٽس ۾ قومي ٽيم جي نمائندگي ڪري چڪو آهي، فٽنس مسئلن سبب هو ٽيم مان ان آئوٽ ٿيندو رهيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.