ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪارا سوارا ڀاسڪر چيو آهي ته پاڻ سڳورن صلعم جي عزت دل ۾ هئڻ لاءِ اوهان جو ڪنهن قوم ۾ پيدا ٿيڻ ضروري ناهي.
سوارا ڀاسڪر جي مسلمان مڙس فهد ڀارتي رياست مهارشٽرا جي رياستي چونڊن ۾ نيشنلسٽ ڪانگريس پارٽي ( اين سي پي ) جي ٽڪيٽ تي حصو ورتو آهي ۽ اڄ رياستي اسيمبليءَ لاءِ پولنگ ٿي.
سوارا ڀاسڪر به مڙس سان گڏ چونڊ مهم ۾ حصو ورتو، ان سلسلي ۾ هن ممبئيءَ ۾ سندس چونڊ تڪ ۾ گهر گهر وڃي پارٽي پيغام پهچايو ۽ جلسن، جلوسن ۽ ريلين کي خطاب پڻ ڪيو.
اداڪارا پنهنجي آفيشل سوشل ميڊيا اڪائونٽ تي هڪ وڊيو پوسٽ ڪئي جنهن ۾ هن مسلمان مڙس تي تنقيد ڪندڙن کي سخت جواب ڏنو.
هن چيو ته ” ٻڌو آهي ته قسمين قسمين الزام مون تي مڙهيا ويا آهن جيڪي قبول ڪرڻ آئي آهيان، سچ اِهو آهي ته مان هندو گهراڻي ۾ پيدا ٿيس ۽ اِهو به سچ آهي ته مون هڪ مسلمان ڇوڪري سان شادي ڪئي آهي.“
سندس چوڻ هو ته ” هڪ ٻيو سچ ٻڌائڻ چاهيان ٿي ته حضور پاڪ صلعم جي عزت دل ۾ هئڻ لاءِ اوهان ڪنهن قوم ۾ پيدا ٿيا آهيو اِهو ضروري نه آهي.“
واضح رهي ته بالي وود اداڪارا پنهنجي تقرير ۾ ڀارتيا جنتا پارٽي کي ڇتي تنقيد جو نشانو بڻايو هو.
ياد رهي ته سوارا ڀاسڪر 2023ع ۾ پنهنجي مسلمان دوست فهد احمد سان شادي ڪئي هئي ۽ جوڙي کي هڪ نياڻيءَ جو اولاد پڻ آهي.
You might also like