چنائي(ويب ڊيسڪ ) آسڪر ايواڊ ماڻيندڙ ڀارتي موسيقار اي آر رحمان جي طلاق بعد ساٿي گٽارسٽ موهني ڊي به پنهنجي مرش کان عليحدگي جو اعلان ڪيو جنهن کانپوءِ سندس اڳوڻي گهرواري جي وڪيل بيان جاري ڪيو آهي.
19 هين نومبر تي اي آر رحمان جي گهرواري سائرا بانو جي وڪيل وندنا شاهه طرفان اي آر رحمان ۽ سائرا بانو جي طلاق بابت هڪ بيان جاري ڪيو ويو.
موسيقار جي طلاق جي ڪجهه ڪلاڪن بعد ئي اي آر رحمان جي گروپ جي گٽارسٽ موهني ڊي پنهنجي مڙس سان عليحدگي جو اعلان سوشل ميڊيا تي شيئر ڪيو.
وڪيل جي وضاحت
ٻئي پاسي وڪيل وندنا شاهه موجب، اي آر رحمان ۽ سائرا بانو جي طلاق جو موهني ڊي جي طلاق سان جو تعلق ناهي، سائرا بانو ۽ اي آر رحمان اِهو فيصلو پاڻ ذاتي سببن جي بنياد تي ڪيو آهي.
وڪيل چيو ته هر ڊگهي شادي لاهن چاڙهن مان گذرندي آهي، ٻنهي رضا خوشي سان ڌار ٿيڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
هن چيو سائرا بانو ۽ اي آر رحمان ٻئي هڪٻئي جو ساٿ ڏيندا رهندا، هڪٻئي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندا رهندا.
You might also like