سنڌو درياهه مان 6 ڪينال ڪڍڻ وارو منصوبو، بلاول جو وفاق کان وڏو مطالبو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري تڪراري منصوبن کي شروع ڪرڻ بدران سمورن اسٽيڪ هولڊرن کي اعتماد ۾ وٺڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.
سنڌو درياهه مان 6 ڪينال ڪڍڻ واري وفاقي منصوبي بابت وڊيو بيان ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته وفاقي حڪومت جي جيڪا سنڌو درياهه مان وڌيڪ 6 نوان ڪينال ڪڍڻ جي تجويز آهي ان تي سنڌ ۽ بلوچستان جا اعتراض نه ٻڌا ويا ته منصوبو تڪراري بڻجي ويندو.
پ پ چيئرمين چيو ته تڪراري رٿا شروع ڪرڻ کان اڳ سمورن اسٽيڪ هولڊرن کي اعتماد ۾ ورتو وڃي، زوري راءِ مڙهڻ سان سياسي عدم استحڪام ۽ معيشيت تي ناڪاري اثر پوندا.
سندس چوڻ هو ته وفاقي حڪومت اهڙا قدم نه کڻي جنهن سان سٺا منصوبا تڪراري بڻجي وڃن، گڏجي اهي فيصلا ڪيا وڃن جيڪي ملڪ جي فائدي لاءِ هجن.
پ پ چيئرمين چيو ته وفاقي حڪومت پنهنجي فيصلي تي غور ڪري، هو وفاقي سرڪار کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪندا، پيپلزپارٽي گرين سنڌ جو منصوبو وفاقي حڪومت سان شيئر ڪندي.
بلاول ڀٽو زرداري چيو ته وفاقي حڪومت به پنهنجا پوائنٽس ساڻن شيئر ڪري، پيپلزپارٽي هميشه پاڻ کي هڪ اهڙي پارٽي سمجهيو آهي جيڪا زرعي شعبي کي اهميت ڏيندي آهي، هو سمجهن ٿا ته زراعت سندن معيشيت ۾ ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿي.
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هو سنڌ کي سرسبز بڻائڻ جي منصوبي جي ڪاميابي جا خواهشمند آهن، هارين کي سنڌ سرسبز منصوبي سان فائدو ڏيڻ چاهن ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.