اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ آمريڪا طرفان سلامتي ڪائونسل ۾ غزا جنگ بندي بابت ٺهراءُ ويٽو ڪرڻ تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي.
پرڏيهي آفيس جي ترجمان صحافين کي هفتيوار بريفنگ ڏيندي چيو ته پاڪستان گڏيل قومن ۾ آمريڪا طرفان غزا جنگ بندي جو ٺهراءُ ويٽو ڪرڻ تي افسوس جو اظهار ڪري ٿو.
ترجمان چيو ته اففانستان ۾ دهشتگرد گروهن جون محفوظ پناهه گاهون تي سخت خدشا آهن، دهشتگرد گروهن کي ملندڙ پرڏيهي حمايت به ڳڻتي جو سبب آهي.
ممتاز زهرا بلوچ ٻڌايو ته پاڪستان ۾ سياسي ۽ شخصي آزادين بابت سوشل ميڊيا تي برطانوي اسيمبلي جي رڪن جو برطانوي پرڏيهي سيڪريٽري ڏانهن لکيل خط ڏٺو، ان خط کي پاڪستان سان شيئر ناهي ڪيو ويو، اِهو خط برطانوي پارليامينٽ ۽ هڪ پارليامينٽ ميمبر وچ ۾ رابطو آهي جيڪو برطانوي پارلياماني نمائندن جو اندروني معاملو آهي، ڄاڻايل خط پاڪستاني حڪومت کي سرڪاري طور تي ناهي ڏنو ويو.
هن افغانستان تي خاص نمائندي جي مقرري جي تجويز غور هيٺ هئڻ جي ترديد ڪندي ٻڌايو ته چين ۽ روس جي افغانستان بابت خاص نمائندن تازو ئي پاڪستان جو دورو ڪيو، هنن اولهه ايشيا بابت ايڊيشنل سيڪريٽري احمد نسيم وڙائچ سان ملاقاتون ڪيون.
پرڏيهي آفيس جي ترجمان وڌيڪ چيو ته پاڪستان جا سيڪيورٽي معاملن تي آمريڪا سان ويجها لاڳاپا آهن، دهشتگرد گروهن جي هٿن ۾ بيلسٽڪ ميزائل وڃڻ واري معاملي تي ڳالهيون ڪري رهيا آهيون.
آمريڪا پاران سلامتي ڪائونسل ۾ غزا جنگ بندي جو ٺهراءٌ ويٽو، پاڪستان جو ردعمل اچي ويو
You might also like