اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان تي قرضن جا سمورا رڪارڊ ٽٽي بلند ترين سطح تي پهچي ويا آهن، ملڪ جا قرض ۽ رهتون 85 هزار 836 ارب رپين جي رڪارڊ تي پهچي ويا، هڪ سال دوران قرضن ۽ رهتن ۾ 7 هزار 417 ارب رپين جو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو، اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جي دستاويز موجب سيپٽمبر 2024ع تائين پاڪستان تي قرض ۽ رهتون 85 هزار 836 ارب رپين تائين پهچي ويا، سيپٽمبر 2024ع تائين ملڪ جو مقامي قرض 47 هزار 536 ارب رپيا ۽ پرڏيهي قرض 33 هزار 722 ارب رپيا هو، جڏهن ته هلندڙ مالي سال جي پهرين ٽه ماهي جي آخر تائين پاڪستان جا قرض 4 هزار 484 ارب رپيا هئا.دستاويز موجب سيپٽمبر 2023ع تائين ملڪ جي قرضن ۽ رهتن جو ڪاٿو 78 هزار 419 ارب رپيا هو.