لکي غلام شاھ ۾ دڪان تي حملو، پٽ قتل، پيءُ سميت 2 زخمي

لکي غلام شاھ (رپورٽ: نديم جان مهر) لکي غلام شاھ ۾ سکر لاڙڪاڻو باءِ پاس تي ٽريڪٽر مستري جي دڪان تي ويٺل پيءُ ۽ پٽ تي ٽن موٽرسائيڪل سوار نامعلوم هٿياربندن حملو ڪري فائرنگ ڪري ڏني، گوليون لڳڻ سبب ڳوٺ فقير جوڻيجو واسي 33 ورهين جو نوجوان محمد صاحب جوڻيجو موقعي تي قتل ٿي ويو، جڏهن ته سندس پيءُ  70 ورهين جو هادي بخش جوڻيجو ۽ دڪان تي ڪم ڪندڙ لکي واسي 17 سالن جو پورهيت عمران شاھ پٽ غلام عباس سخت زخمي ٿي پيا، جن کي سکر سول اسپتال منتقل ڪيو ويو، جڏهن ته نوجوان جو لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، مقتول جي پڦاٽ ارشاد جوڻيجو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان جي ڪنهن سان به دشمني نه آهي، اسان سان انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.