پنجاب جا نمائندا چون ٿا ته سج لٿي بعد سنڌ نھ ٿا اچي سگھون: خورشيد شاھه

سکر(رپورٽر) سکر شھر ۾ امن امان جي بھتري ۽ حددخليون ھٽائڻ لاءِ سکر ميونسپل ڪارپوريشن ۽ ضلعي پوليس پاران گڏيل شرڪت داري  تحت انڊس ايگل اسڪواڊ جوڙي وئي آھي، جنھن ۾ ميونسپل ڪارپوريشن جي 20 اھلڪارن سميت 60 اھلڪار شامل ڪيا ويا آھن. ڪالھه خورشيد احمد شاھ، ايم اين اي نعمان اسلام شيخ، سنڌ سرڪار جي ترجمان ۽ ميئر سکر ارسلان شيخ ۽ ايس ايس پي سکر امجد شيخ گڏيل طور ربن ڪاٽي انڊس ايگل اسڪواڊ جو باضابطھ افتتاح ڪيو، ان کان اڳ ميئر ارسلان شيخ ۽ ايس ايس پي امجد شيخ يادداشت نامي تي صحيحون ڪيون، افتتاحي  تقريب کي خطاب ڪندي خورشيد احمد شاھ سنڌ اندر امن امان جي بدترين صورتحال تي افسوس ظاھر ڪندي چيو تھ، مونکي ۽ نعمان شيخ کي ان وقت شرم ايندو جڏھن پنجاب جا ايم اين ايز اسان جي ڊيسڪ تي اچي چوندا آھن تھ سج لٿي کانپوءِ اسان رحيم يار خان تائين تھ وڃي سگھون ٿا پر سنڌ نھ ٿا اچي سگھون، اھو ٻڌي ڏاڍي تڪليف ٿيندي آھي، توڙي جو اھا ھڪڙي پروپيگنڊا بھ آھي پر ان ۾ ڪجھه حقيقت بھ آھي، هن وڌيڪ چيو تھ الزام لڳندا آھن تھ ڏوھارين پٺيان سياستدانن جو ھٿ آھي، جيڪو الزام درست ناھي، ڪچي ۾ رھندڙ ماڻھو ٻڌائن تھ ڏوھارين پٺيان ڪنھن جا ھٿ آھن، آئون چوان ٿو تھ ڏوھارين کان ووٽ وٺڻ کان بھتر آھي تھ ايوان ۾ ئي نھ اچجي، تقريب کي ميئر ارسلان شيخ، ايس ايس پي امجد شيخ، ايم اين اي نعمان شيخ پڻ خطاب ڪيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.