ايم ڊي ڪيٽ ٽيسٽ جي نئين تاريخ 8 ڊسمبر مقرر

ڪراچي ( م ڊ) سنڌ ۾ ايم بي بي ايس  ۽ بي ڊي ايس  جي داخلائن جي سلسلي ۾ ٻيھر ايم ڊي ڪيٽ ٽيسٽ جي نئين تاريخ 8 ڊسمبر  مقرر ڪئي وئي آھي. اھا ٽيسٽ آئي بي اي سکر پاران ورتي ويندي ۽ اداري پاران ٽيسٽ شفاف نموني منعقد ڪرڻ لاءِ سڀ تياريون مڪمل ڪيون ويون آھن،ٽيسٽ مرڪزن تي  ڪاپي کي روڪڻ لاءِ سخت قدم کڻڻ جو فيصلو ڪيو ويوآھي. اميدوارن کي  پاڻ سان ايڊمٽ ڪارڊ  شناختي ڪارڊ  يا پاسپورٽ  يا ڊوميسائل  تصوير واري مارڪس شيٽ  گڏ رکڻ جي ھدايت ڪئي وئي آھي. ڪراچي ۾ ٽي امتحاني مرڪز جوڙيا ويا آھن جڏھن تھ حيدرآباد ، ميرپور خاص، نواب شاھ، سکر ۽ لاڙڪاڻي ۾  بھ امتحاني مرڪز جوڙيا ويا آھن. اداري کي 38 ھزار 609 اميدوارن جي لاءِ 6 ھزار روپيا في ڪس جي حساب سان 232.140 ملين روپيا سنڌ سرڪار پاران فراھم ڪيا ويا آھن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.