سنڌو مان 6 ڪئنال ڪڍڻ خلاف ميرپورخاص ۾ آبادگارن جو ڪٺ

ميرپورخاص(بيورو رپورٽ) سنڌو درياءُ مان 6 ڪئنال ڪڍڻ خلاف اينٽي ڪئنال ايڪشن ڪاميٽي جي اڳواڻ ۽ سنڌ آبادگار بورڊ ميرپورخاص ضلع جي صدر حاجي محمد عمر ٻگھيو جي صدارت هيٺ ميرپورخاص لڳ ڳوٺ زاهد آباد ۾ اجلاس ٿيو،  جنهن ۾ سوين آبادگارن شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ ڪئنال ڪڍڻ واري فيصلي کي رد ڪندي فيصلي کي سنڌ جي عوام خلاف سازش قرار ڏنو ويو ۽ گڏيل طور قرارداد پاس ڪئي وئي ته فوري طور سنڌو تي ڌاڙو هڻڻ واري فيصلي کي واپس وٺي سنڌ ۽ پنجاب جي عوام ۾ ان فيصلي سبب وڌندڙ نفرتن کي روڪيو وڃي، اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته اينٽي ڪئنال ايڪشن ڪاميٽي پاران سنڌو تي ڪئنال اڏڻ ۽ سنڌ کي بچائڻ لاءِ 23 نومبر تي حيدرآباد پريس ڪلب اڳيان اعلانيل مظاهري ۾ پوري ضلعي مان سوين آبادگار ۽ هاري شرڪت ڪرڻ لاءِ نڪرندا ۽ سنڌو تي ڌاڙو هڻڻ واري هر سازش خلاف شروع ڪيل جدوجھد ۾ مڪمل ساٿ ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو، اجلاس ۾ ممتازي مري، سرفراز جوڻيجو، ملوڪ راڄڙ، مير ظفر الله ٽالپر، خادم حسين بهراڻي. ضياءُ الرحمٰن، بابو ڪوري، مرزا مهر علي، راڻا اقبال، حاجي حسين بخش لغاري ۽ ٻيا شريڪ ٿيا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.