ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس شفيع صديقي جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بئنچ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار کي نائب وزير اعظم بڻائڻ خلاف درخواست تي درخواستگذار بئنچ جي آئيني حيثيت تي سوال اٿاري ڇڏيا، چيو ته هي بئنچ ان ڪيس جي ٻڌڻي نٿي ڪري سگهي، وڪيل جي رويي تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيف جسٽس رمارڪس ۾ چيو ته اسان اوهان کي سمجهائيندي سمجهائيندي تنگ ٿي پيا آهيون، اوهان پاڻ کي ڪجهه بهتر ڪرايو، اوهان جهيڙو ڪرڻ آيا آهيو يا ڪيس هلائڻ ؟ وڪيل طارق منصور چيو اوهان نوٽيفڪيشن گهرايو، مان جمع ڪرايو، عدالت چيو ته اوهان ڪورٽ جو وقت ضائع ڪرائي رهيا آهيون، عدالت ڪيس جي ٻڌڻي اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
-
پي ٽي آءِ باني اڄ به ڊيل چاهي ٿو: شيري رحمان
اسلام آباد( م ڊ) پيپلز پارٽي جي نائب صدر شيري رحمان تحريڪ انصاف جي احتجاج تي ردعمل ظاهر ڪندي چيو آهي ته پي ٽي آءِ باني اڄ به ادارن کان ڳالهين جو مطالبو ڪري رهيو آهي. هي ڳالهين جي درخواست نه پر ڊيل آهي. هڪ بيان ۾ شيري رحمان چيو ته هاڻي عالمي اخبارون به لکي رهيون آهن ته باني پي ٽي آءِ ادارن سان ڊيل چاهين ٿا. هن چيو ته پي ٽي آءِ جو احتجاج پرامن هو ته پوءِ اسلام آباد انتظاميا کان اجازت ڇو نه ورتي وئي؟