هر سال نومبر جي ايڪيھن تاريخ تي ”ٽيليويزن جو عالمي ڏھاڙو“ ملهايو وڃي ٿو. ھن ڏينھن عالمي سطح تي ٽي_وي جي سماجي حيثيت ۽ ان جي دنيا کي ڳنڍڻ واري ڪردار کي ساراھيو وڃي ٿو پر جيئن ته اسين اڄڪلھه ڊجيٽل ۽ سوشل ميڊيا جي دور مان گذري رهيا آهيون. جتي ڄاڻ اڳ جي مقابلي ۾ تڪڙي پھچي ٿي. ته پوءِ يقينن اھو سوال اڀري ٿو ته ڇا ٽي وي پنهنجي اھميت وڃائي رهي آهي يا ايندڙ ڪجهه ورھين ۾ ٽي_وي جي اھميت بلڪل ختم ٿي ويندي؟
ان سوال تي تفصيلي پنھنجو خيال اورڻ کان اڳ ٽي_وي جي تاريخي پسمنظر بابت نه وسارجي. ٽيليويزن، جنهن کي "ايڊيٽ باڪس يا بيوقوف بڻائيندڙ دٻو” سڏيو ويندو آهي، پنهنجي ايجاداتي سفر جي شروعات لڳ ڀڳ 1880ع کان ڪئي ۽ اليڪٽرانڪ ٽي_وي تي ڪم 1920ع کان شروع ٿيو جنھن جو بالآخر 1930ع ۾ آمريڪا ۾ تجرباتي نشريات وسيلي باقاعدہ آغاز ٿيو. ۽ 1950ع تائين ٽي وي ترقي يافته ملڪن ۾ گھرن جو لازمي حصو بڻجي ويئي. جڏھن ته ان جي مقبوليت 1969ع ۾ چنڊ تي لهڻ واري واقعي سان چوٽ تي پهتي، جنهن کي انگن اکرن موجب 650 ملين ماڻھن سڌو سنئون ٽي_وي تي ڏٺو. جديد انگن اکرن موجب، دنيا ۾ لڳ ڀڳ 1.7 بلين ٽي_وي سيٽ ماڻھن جي استعمال ھيٺ آهن. جن مان اڪثر يعني 90 سيڪڙو ترقي يافته ملڪن ۾ آھن. ايشيا ۽ آفريڪا جي اڀرندڙ معيشتن ۾ به سيٽلائيٽ ٽي وي ۽ ڊجيٽل براڊڪاسٽنگ جي ذريعي واڌ جاري آهي.
اڄ جي ڊجيٽل دور ۾ ٽي_وي جي ايڇ_ڊي ۽ ٿري ڊي ۽ فائيو ڊي ٽي_وي ھجڻ باوجود يوٽيوب، نيٽ فليڪس، او ٽي ٽي، فيس بڪ جھڙن پليٽ فارمن ٽي_وي نشريات کي سخت چيلينج کي منھن ڏيڻو پوي پيو. عالمي سطح تي 2023 جي انگن اکرن موجب ڊيجيٽل اشتهارن کي سڀ کان وڌيڪ حصو يعني لڳ ڀڳ 65 سيڪڙو ملي رھيو آھي. جنھن ۾ سوشل ميڊيا، سرچ انجن، ۽ او ٽي ٽي پليٽ فارمز جهڙوڪ يوٽيوب ۽ نيٽ فلڪس شامل آهن. ٽيليويزن کي اشتهارن جي مد ۾ لڳ ڀڳ 20 کان 25 سيڪڙو ملي رھيو آھي. جڏھن ته انکان علاوہ باقي ميڊيا جي حصي ۾ لڳ ڀڳ 10 کان 15 سيڪڙو اشتھار ملي رھيا آھن جنھن ۾ ريڊيو، اخبارون ۽ ٻيو پرنٽ وغيرہ شامل آھي.
جيڪڏھن اسين پنھنجي خطي ڏانھن نظر ڌريون ٿا ته پاڪستان ۾ ٽيليويزن جي ڪهاڻي 26 نومبر 1964ع کان ٿي. جڏهن پاڪستان ٽيليويزن ڪارپوريشن (پي ٽي وي)پنھنجن ٻن ننڍين اسٽيشنز لاهور ۽ ڍاڪا مان نشريات جو آغاز ڪيو. جيڪا 1970ع جي ڏهاڪي ۾ رنگين نشريات جي صورت اختيار ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي. پاڪستان ۾ 1990ع جي ڏھاڪي تائين سرڪاري ٽي وي (پي ٽي وي) پنهنجي نشريات جاري رکي. جنھن شروعات کان وٺي تعليم، ثقافت، راندين، وندر ۽ ورونھن تي ڌيان ڏنو. اڳتي ھلي سنڌي سميت صوبن جي ٻولين جا پروگرام پڻ شروع ڪيا. پي ٽي وي خاص طور تي پنھنجي ڊرامي جي ڪري تمام گھڻو مقبوليت ماڻي.
پر ھڪ وقت آيو جو پاڪستان ۾ نجي ٽي وي چينلز جو آغاز ٿيو. شاليمار ٽِليويزن نيٽ ورڪ ۽ پوءِ بيشمار اردو چينلز سان گڏ ، سنڌي نجي ٽي وي چينلز پڻ 2002 کان وٺي پنھنجي نشريات شروع ڪئي. جيڪي ھڪ کان وڌي ٻه ، ٻن مان ٽي ۽ اڄ لڳ ڀڳ اٺ سيٽلائيٽ ٽي وي چينلز پنھنجي نشريات باقاعدگي سان ھلائي رھيا آھن. سوشل ميڊيا ۽ ڊجيٽل پليٽفارمز جي اچڻ سان روايتي ٽي وي جي مواد جي ھ ڪجههڙائپ ختم ٿي. ٽڪ ٽاڪ، فيس بڪ، يوٽيوب جي مواد ماڻھن کي مدر پدر آزاد مواد ڏانھن موھيو. جڏهن ته اسٽريمنگ سروسز ان کي ويتر آسان بڻائي پيش ڪيو. پر ھڪ خاص حلقي جو مڃڻ آھي ته ٽي_وي اڃا به پنهنجي مخصوص ناظرين لاءِ ساڳئي ئي انداز ۾ اهم آهي. اھو ئي سبب آھي جو پاڪستان سميت ايشيا ۾ اشتھارن جي مد ۾ ٽي_وي جو حصو اڄ به لڳ ڀڳ 40 سيڪڙو آھي. لائيو اسپورٽس، بريڪنگ نيوز، ۽ ريلٽي شوز اڃا تائين وڏي تعداد ۾ ڏسندڙن کي متوجهه ڪن ٿا.
پاڪستان جي ڳوٺاڻن علائقن ۾، جتي انٽرنيٽ جي رسائي محدود آهي، اتي پڻ ٽي _وي اڃا تائين ڄاڻ ۽ وندر جو بنيادي ذريعو آهي. گيلپ سرويَ پاڪستان جي 2023 جي انگن اکرن موجب لڳ ڀڳ پاڪستان جي 60 سيڪڙو گھرن ۾ ٽي_وي ڏٺي وڃي ٿي. جڏھن ته 40 سيڪڙو عوام ڊجيٽل ميڊيا سان سلھاڙيل آھي. سنڌ شروع کان ئي ثقافتي حوالي سان فن جي اظهار جو مرڪز رهي آهي، ۽ ٽيليويزن هن ورثي جي عڪاسي ڪرڻ لاءِ هڪ آئينو ثابت ٿيو. خانگي ٽي وي چينلن سنڌي ماڻهن جي ٻولي، ثقافت ۽ مسئلن کي ڏيھي ۽ پرڏيھي سطح تي اجاگر ڪيو. انهن چينلن جو مواد نه صرف تفريحي پر سماجي مسئلن جهڙوڪ تعليم، صحت ۽ ڌرتيءَ ڌڻين جي حقن جي حاصلات لاءِ پڻ آواز اٿاريو. سنڌ ۾ نجي ٽي وي چينلن جديد چيلنجن کي منهن ڏيڻ سان گڏ ثقافتي جڙون برقرار رکيون آهن. اردو چينلز جيئان سنڌي چينلز پڻ ڊجيٽل پليٽفارمز تي پنهنجو مواد اسٽريم ڪرڻ شروع ڪيو آهي ته جيئن دنيا جي مختلف حصن ۾ رهندڙ سنڌي ماڻهن تائين رسائي حاصل ڪري سگھن. اھا ھڪ مثبت ۽ خوش آئند تبديلي آھي.
منھنجو خيال آھي ته ٽي_وي چينلز جي مواد ۽ ان جي لوگو مائيڪ جي اھميت ۽ حيثيت کي تيستائين لھر لوڏو ناھي جيسيتائين عوام ۾ سندن اھميت قائم آھي. متعصب يا ڌر بڻيل چينلز کي ڇڏي، عام عوام جو عمومي اعتماد ۽ ڀروسو اڄ به ٽي_وي تان نشر ٿيندڙ مواد تي آھي. پوءِ اھو مواد ڊجيٽل ميڊيا وسيلي ملي يا ٽي_وي تان نشر ٿينديَ ڏسن. ٻين لفظن ۾ ائين چئجي ته ٽي_وي سيٽ جي اھميت ضرور گھٽ ٿي آھي پر ٽي_وي تان نشر ٿيندڙ مواد اڄ به پنھنجي اھميت برقرار رکيو اچي. پر ڪيسيتائين اھو باقي ممڪن آھي شايد تيسيتائين جيسين متبادل ميڊيا پنھنجو پيرن تي نه ٿو بيھي. پنھنجي مواد ۾ تسلسل نٿو آڻي. ان جي مقابلي ۾، پاڪستان ۾، ٽيليويزن کي مقامي مواد تي ڌيان ڏيڻ ۽ علائقائي ٻولين کي پروموٽ ڪرڻ سان اڳتي وڌي سگهي ٿو. اهي چينلز جيڪي جدت آڻيندا ۽ ڊجيٽل تبديلين کي قبول ڪندا، اهي ئي ميڊيا ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا.
ٽيليويزن جو عالمي ڏهاڙو صرف هڪ ايجاد جي جشن لاءِ ناهي، پر ان جي انساني زندگي تي پوندڙ اثرن جي يادگيري آهي. ٽي وي تاريخ جو گواه، ثقافتن جو ڪهاڻيڪار، ۽ ڳالهه ٻولهه جو پليٽفارم رهيو آهي. سنڌ ۾، ٽيليويزن نه صرف سماجي تبديلي جو سبب رهيو آهي، پر ان ثقافتي ورثي کي اجاگر ڪرڻ ۾ به مددگار ثابت ٿيو آهي. جيئن اسين هن ڏينهن کي ملهائيندا آهيون، اسان کي ٽي وي جي ورثي کي تسليم ڪرڻ سان گڏ ان جي مستقبل لاءِ نون رستن کي پڻ ڳولھڻ جي ضرورت آهي، ڇو جو اڄ به ٽي_وي سان سلھاڙيل لکين ماڻھن جو گذران انھن ٽي_وي چينلز وسيلي ئي ٿئي ٿو.