”بس! انٽرنيٽ حرام آ“ وارو جڙندڙ غير سائنسي ۽ غير جمهوري رويو

تحرير: رياض ابڙو 

ڳالهه سمجهڻ جي اها به آهي ته بُرائي شين ۾ ناهي پر شين جي استعمال ۾ ضرور آهي. انٽرنيشنل بزنس ڪميونٽيز جا ڪيترائي ڪم هجن ٿا، جيڪي هلن ئي انهن ”وي پي اين“ تي ٿا. ان ڪري ”وي پي اين“ رڳو ”بينڊ ويب سائيٽس“ جو نالو ناهي، اهڙيون ويب سائيئٽس جيڪي ”پي ٽي اي“ جي ”سرور“ تي بين (پابندي مڙهيل آهن) اهي ”وي پي اين“ جي ذريعي ڏسي سگهجن ٿيون. پر ڳالهه اها ضرور آهي ته ڪا غيبي قوت آهي جيڪا هن ملڪ کي هلائي ٿي، جيڪا هن ملڪِ خُدادادِ جي اسٽبلشمينٽ آهي، جيڪا هن رياست جي ڪرڌرتا آهي، اُها اِها ڳالهه نه ٿي سَهي سگهي ته ڪو سائيبر خودمختياري تحت هن ملڪ ۾ جيئي يا زندگي گذاري. ٻاهرين ملڪن ۾ اظهار جي آزادي آهي، اهي ملڪ ڪڏهن به ”ڊولنڊ ٽرمپ“ ”ڪاملا هيرس“ يا ”جوبايئڊن“ جي هارَ ۽ جيت کان خوفزده ناهن، انهن ۾ سياسي ڊڄ يا سياسي فوبيا ناهي. انهن وٽ اظهار جي آزادي مان مراد هر طرح جي آزادي به آهي، معني ماڻهو ان ڳالهه ۾ آزاد آهي ته هو حڪومت کان وٺي انهن جي ڌرمن جي ڪارگذارين تي به چِٿَرَ ڪري. پر هتي اهي سڀ معاشي ۽ ڌرمي ڏوھ آهن، ۽ ڪير به نه ٿو ڪري سگهي، جيڪڏهن ڪير جرئت ڪندو ته هو جهنم واصل ٿي ويندو، ان ڪري ته جهنم جي هڪ درجي ۾ اهي سڀ ماڻهو آهن، جيڪي رياست ۽ مسلڪن جا منافر آهن.

اسان وٽ اها ڳالهه هڪ غلط روايت ۾ هلي وئي آهي جنهن جي مذمت ڪجي، ان ڪري جو ”ڪيبورڊ واريير“ رڳو عمران خان متعارف ڪرايا، جيڪي سمورو ڏينهن ٽويٽر (هاڻوڪو ايڪس) تي ويهي ٽرينڊ هلائيندا هيا ته هن ملڪ ۾ جيڪي  ڪجهه ٿئي پيو سو گهٽ ۾ گهٽ عمران خان ۽ پي ٽي آءِ جي حق ۾ ناهي. حلانڪي انهن جي ڪيئي جي سزا سموري ملڪ ڀوڳي، جو عمران خان اندر ٿيو ته هن رياست انٽرنيٽ کي به اندر (قيد) ڪري ڇڏيو ۽ جنهن مهل ڪاوڙجن تنهن مهل انٽرنيٽ تي پنهنجو ڄارُ هڻي مڇي وانگي ڦاسائي ماڻهن کي مجبور ڪن ته اهي انٽرنيٽ استعمال نه ڪن. حلاڪي انٽرنيٽ تي هزارين لکين ماڻهن جي بزنس ۽ واپاري ڪِرتُون ڦاٿل آهن. اهي هيءَ نه هيءَ مهل پنهنجا ڪاروبار، آن لائين بزنس، رابطا بحال ڪري پيسن جي ڏي وٺ ڪيون ويٺا هوندا آهن. ان ڪري انٽرنيٽ رڳو فيس بوڪ، واٽس ايپ، انسٽاگرام، يوٽيوب تان گانا ۽ فلمون ڏسڻ ناهي هوندو (يا گهڻي ڀاڱي هجي به) پر هن جديد ۽ ڊجيٽل دور ۾ ڪنهن صورت انٽرنيٽ تي اهڙيون فرسوده پابنديون هڻڻ منطقي ناهي ۽ ممڪن ناهي ته ماڻهن جي زبانن ۽ اکين تي تالا هڻي ڇڏجن، ان ڪري اظهار جي آزادي معني آزادي سان جيئڻ به آهي.

دنيا جي خوبصورتي ۽ ڊجيٽل دور جي سونهن هر ڳالهه ۾ ڏسي سگهجي ٿي ۽ هر پل کي انجواءِ به ڪري سگهجي ٿو. جنهن ۾ عمل جي وافر مقدار ۾ هجڻ به ان انٽرنيٽ جي هجڻ سان به ممڪن آهي، جنهن تحت اهي سڀ لائبرريون، وڏا وڏا آن لائين ڪتب خانا ۽ بازاريون پَسي سگهجن ٿيون. انهن مارڪيٽن وٽان هر شيءِ گهرائي سگهجي ٿي ۽ انهن ڪتب خانن ۾ پيل ڪتابن کي ترت پڙهي به سگهجي ٿو. ان ڪري دنيا سان ڳنڍڻ مان مراد انهن سڀني ويب سائيٽس سان ڳنڍڻ به آهي، جيڪي هن ملڪ جون ناهن ۽  ڪجهه ان صورت به ممڪن طور تي ڏسي سگهجن ٿيون، جن جي افاديت جو مثال يا تعريف ممڪن ناهي. ان ڪري شين تي تالا يا ضبط ان صورت هڻڻ ممڪن ناهي ته ماڻهن تي هن رياست جو ضبط ممڪن ڪري سگهجي يا مورڳو ئي بند ڪري ڇڏجي ۽ خلق کي پٿر جي دور ۾ گهلي هلجي.

ان ڪري ته اظهار جي آزادي مان رياست کي هڪ خوف ضرور آهي، ته اهي چاهن ٿا ته شيون اهڙي ضبط ۾ هجن، جنهن ۾ جنرل ضياءَ جي دور واريون ڳالهيون عام جام ۽ سوليون ڪري سگهجن، جو ماڻهو عبادگاهن ۾ به ضبط ۾ هجن ۽ جي ٻاهر هجن ته ايجنسين جي ڪَڙي نظر ۾ هجن. رياست انهن ماڻهن تي نظر رکي ته اهي چون ڇا ٿا؟ ڪن ڇا ٿا؟ ڪنهن سان ٿا ملن؟ ڪيئن ٿا ڳالهائن؟ ڪنهن سان رابطي ۾ آهن؟ پيسي ڏوڪڙن جي ڏيتي ليتي ڪيئن ٿا ڪن؟ ڏوھ گناھ ڪيئن ۽ ڇو ٿا ڪن؟ مثال جيئن لاانفورسمينٽ ايجنسيون هٿيارن جي زور تي ماڻهن جي ذهنن ۽ عقلن تي قابض آهن ته اهي ڏسي ڊڄي ٿا وڃن، تيئن هاڻي اها شيءِ به آسان ڪري سگهجي ته جيڪي به انٽرنيٽ هلائن، اهي ”وي پي اين“ ۽ ”آءِ پيز“ جي ڊڄ ۾ هجن، اهي ڪڏهن ”لوڪل سرور“ (انٽرنيٽ سروس پرووائيڊر) کان لڪي ڇپي ڪا شيءِ نه ڪري سگهن، ۽ جيڪي به ڪن انهن تي رياست جي ڪڙي نظر هجي، ۽ اهي جيڪي به ڪِرِتِ ڪن انهن تي ملڪي اثرائتا ضابطا هجن.

ملڪ ۾ 44.5 ملين ماڻهو فيس بوڪ استعمال ٿا ڪن، جن ۾ 71.7 يوٽيوبر آهن، 54.38 ملين ٽڪ ٽاڪر آهن، ۽ 17.30 ملين انسٽاگرام يوزر به آهن، جيڪي يوٽيوب سميت انهن سڀني سوشل ميڊيا جي چينلن تان روزي روٽي ڪمائين ٿا، جن مان گهڻائي ڪنهن نه ڪنهن طرح بزنس سان به لاڳاپيل آهي. اهي پنهنجا ڊجيٽل ڪاروبار ان سوشل ميڊيا جي توسط سان هلائين ٿا ۽ ممڪن آهي ته انهن جي ڪمائي ڪَئي اها سوشل ميڊيا ئي هجي. ان ڪري جيئن ”فري لانسنگ“ هاڻي گهڻي ٿي وئي آهي ۽ لوڪل بينڪون به آسان شرطن تي ”فري لانسرن“ جا ڊالر (يا ٻاهرين ملڪن جي ڪرنسين ۾) اڪائونٽ کولن ٿا ته جيئن ان شيءِ کي فروغ ڏئي سگهجي ۽ ان ڳالهه ۾ اڃان به واڌرو ممڪن ڪجي، تيئن هاڻي ڊجيٽل دور ۾ هٿن پيرن جي مزدور کان گهڻي برڪت ۽ ڪمائي دماغي مزدوري ۾ آهي، جنهن مان ماڻهو رات پيٽ ۾ امير ٿي ٿا وڃن ۽ رياست انهن مان ٽيڪس به ڪمائي ٿي، پر اهڙي ڊجيٽل دور ۾ رياست پنهنجي ”ٽوٽليٽيرين“ واري لتَ رکي نه ٿي سگهي، ۽ ترقي جي راھ ۾ رڪاوٽ نه بڻجي، جنهن جو مثال دنيا ۾ ڪٿي به نه ملندو.

 

هاڻي ته انٽرينٽ حرام آهي يا حلال، ۽ وي پي اين حلال آهي يا حرام جهڙن بحثن ۾ پئجي ويا آهيون، اها ڳالهه به مڃون ٿا دنيا ۾ اسان جهڙا ملڪ ”پورن موويز“ ۾ ٽاپ ٽين ۾ شامل آهن، دنيا جا ملڪ ”فور جي، ۽ فائيو جي کان ٽپيا هاڻي سڪس جي“ تائين وڃي پڳا آهن پر اسان وٽ حال اهو آهي ته جيڪي به ڊينمارڪ ۽ ناوري جون سيليولر (موبائيل) ڪمپنيون هيون، اهي لڏا پٽي هليون ويون آهن ۽ هاڻي جيڪي به رهيل کهيل ڪمپنيون آهن، انهن جي فون ڪالز جا آواز کڙکڙ پيا ٿا ڪن، مجال آ جو ڪنهن جو آواز  سمجهه ۾ اچي ۽ پوءِ ماڻهن جو زور وري به سوشل ميڊيا جي ڪالن، وائيس نوٽس ۽ واٽس ايپ ڪالن تي آهي، ته هن اهڙي حال ۾ ماڻهو ڀلا ڪيئن جيئي، جو سمورو ڏينهن رياست جي ٽيڪس ڪليڪشن جي اٽڪل بازين ۽ ڳرن يوٽليٽي جي بلن تي بدشد ڳالهائڻ کانپوءِ سوشل ميڊيا تي جي  ڪجهه سانت ۾ رهي،  ڪجهه ”انٽرٽين“ ٿئي ۽  ڪجهه مزو ماڻي، ته اهو به ”بين“، ڳالهه  سمجهه کان مٿي آهي ته اهڙي ڪهڙي سختي آهي، جيڪا اڃان تائين رياست کي  سمجهه ۾ نه ٿي اچي، يا جيڪا  سمجهه ۾ اچين ٿي ته اها هڻي ويهي ٿا رهن، پوءِ کٽِ کٽائي شاھ. هيءَ رياست هر ڳالهه ۾ مذهب کي وچ ۾ ضرور ٿي آڻي، ۽ سمجهن ٿا ته هي جيڪو به ڪن ٿا، اهو اسلام جي دائري ڪار ۾ آهي.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.