اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان چار هزار ٽي سئو پينو فقيرن جا نالا ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ ( اي سي ايل ) ۾ وجهي ڇڏيا.
وفاقي گهرو وزير محسن نقوي سان سعودي عرب جي نائب گهرو وزير ملاقات ڪئيم ان موقعي تي سعودي سفير نواف بن سعيد احمد المالڪي پڻ موجود هو.
ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي وارن معاملن ۽ پاڪ-سعودي لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي جڏهن ته پيرا ملٽري فورسز، پوليس جي گڏيل تبادلن ۽ گڏيل ٽريننگ وارن معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.
گهرو وزير محسن نقوي اسلام آباد ۽ رياض کي جاڙا شهر قرار ڏيڻ جي تجويز ڏني جنهن سان سعودي وزير اتفاق ڪيو ۽ فيصلو ڪيو ويو ته ان معاملي تي وڌيڪ ضروري قدم کنيا ويا ويندا.
پاڪستان مان پينو فقيرن کي سعودي عرب موڪليندڙ مافيا خلاف ڪارروائي تي ڳالهه ٻولهه ٿي ۽ گهرو وزير ٻڌايو ته 4300 پينو فقيرن جا نالا اي سي ايل ۾ شامل ڪيا ويا آهن ۽ سعودي عرب ويندڙ پينو فقيرن خلاف زيرو ٽالرنس پاليسي آهي.
محسن نقوي جو چوڻ هو ته پينو فقيرن جي سرپرستي ڪندڙ مافيا خلاف سڄي ملڪ ۾ اثرائتو ڪريڪ ڊائون ڪيو پيو وڃي.
ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن ۾ قيدين جي ڏي وٺ واري معاهدي تي عملدرآمد تي اتفاق ڪيو ويو ۽ ان حوالي سان گهرو وزير جو چوڻ هوته سعودي عرب ۾ 419 پاڪستاني قيدين جي ڏيهه واپسي لاءِ قانوني ڪارروائي جلد مڪمل ڪئي ويندي، سعودي اسان جو برادر اسلامي ملڪ آهي، ٻطرفي سهڪار کي هٿي وٺرائڻ لاءِ هر ممڪن سهڪار ڪنداسين.
وفاقي گهرو وزير محسن نقوي سعودي عرب جي ولي عهد محمد بن سلمان جي ويزن 2030 کي ساراهيندي چيو ته موجودا قيادت ۾ سعودي عرب 2030ع تائين معاشي، سماجي ۽ اقتصادي شعبن ۾ دنيا ۾ نمايان پوزيشن حاصل ڪندو.
You might also like