رانچي( ويب ڊيسڪ) ڀارتي رياست جهارکنڊ ۾ ٿيندڙ عام چونڊن دوران مودي جي جماعت ڀارتيا جنتا پارٽي جي شرپسند مقصدن کي اليڪشن ڪميشن ناڪام بڻائي ڇڏيو.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، ڀارتي اليڪشن ڪميشن چونڊن دوران مسلمانن خلاف ناڪاري پروپئگنڊا ۽ نفرت جوڳي مهم هلائڻ تي بي جي پي کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو.
اليڪشن ڪميشن، حڪمران جماعت ڀارتيا جنتا پارٽي کان وضاحت طلب ڪندي مسلم مخالف بئنرز کي هٽائڻ ۽ نعرن کي مٽائڻ جو حڪم ڏنو آهي.
ڀارتي اليڪشن ڪميشن سوشل ميڊيا پليٽ فارمز سميت سمورين ويب سائيٽ تان به چونڊ مهم جي سلسلي ۾ مسلمانن خلاف منفي ۽ چڙڏياريندڙ مواد هٽائڻ جو حڪم ڏنو.
اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته ڪنهن به مذهب، نسل، طبقي ۽ فرقي خلاف نفرت جوڳي مهم هلائڻ چونڊ ظابطن جي سنگين ڀڃڪڙي آهي.
واضح رهي ته جهار کنڊ ۾ رياستي چونڊن جو ٻيو مرحلو اڄ کان شروع ٿي رهيو آهي جنهن جي نتيجن جو اعلان 23 نومبر تي ڪيو ويندو.
You might also like