ڪراچي( ويب ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي فاسٽ بالر شعيب اختر اميد ظاهر ڪندي چيو آهي ته ڀارتي ٽيم هاڻي به پاڪستان اچي سگهي ٿي.
راولپنڊي ايڪسپريس شعيب اختر جو چيمپيئنز ٽرافي بابت ڏنل انٽرويو وائرل ٿي ويو.
مقامي ٽي وي چئنل کي ڏنل انٽرويوءَ ۾ قومي ٽيم جي اڳوڻي فاسٽ بالر شعيب اختر چيو ته پاڪستان ۽ ڀارت چيمپيئنز ٽرافي واري معاملي تي پردي پٺيان ڳالهيون ٿينديون، اميد نه ڇڏڻ گهرجي، پر انتظار ڪرڻ گهرجي.
فاسٽ بالر چيو ته اسان ڄاڻون ٿا ته ڀارت مان آءِ سي سي کي سڀ کان وڌيڪ اسپانسر شپ ملندي آهي، تنهنڪري ڀارتي بورڊ اکيون به ڏيکاريندو آهي.
شعيب اختر چيو ته پاڪ-ڀارت ٽيمن جي آمد واقعي حڪومت جي هٿ ۾ آهي ڪو به بورڊ ڪجهه نٿو ڪري سهگي، پوءِ اهو پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ هجي يا ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ .
اڳوڻي ڪرڪيٽر چيو ته اوهان تصور ڪريو ته ويرات ڪوهلي پاڪستان اچي کيڏي رهيو آهي ۽ هو سينچري اسڪور ڪري ٿو، پاڪستان ورلڊ ڪپ جهڙي وڏي ٽورنامينٽ جي ميزباني نٿو ڪري سگهي پر جيڪڏهن چيمپيئنز ٽرافي ٿيندي ته اِهو وڏن ايونٽن لاءِ در کوليندو، مون هاڻي به لڳي ٿو ته ڀارتي ٽيم پاڪستان ايندي.
You might also like