راولپنڊي (ويب ڊيسڪ ) پي ٽي آءِ باني عمران خان ۽ پارٽي اڳواڻن جي ملاقاتن ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي.
ذريعن موجب، بئريسٽر گوهر ۽ علي امين گنڊاپور گذريل ڏينهن ڳالهين جو پروپوزل کڻي اڊيالا جيل پهتا هئا جتي پي ٽي آءِ باني پروپوزل ۾ شامل ڪجهه شين تي اعتراض واريو هو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ باني ڳالهين جي پروپوزل تي وڌيڪ ڳالهه ٻولهه لاءِ وقت گهريو، ڳالهيون اڳتي وڌائڻ لاءِ عمران خان ٻنهي اڳواڻن کي گرين سگنل ڏئي ڇڏيو آهي.
ذريعن موجب، اڄوڪي ملاقات ۾ پي ٽي آءِ باني کي ڳالهين ۾ اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو ويو جنهن تي هن اطمينان جو اظهار ڪيو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ڳالهين وارو عمل شروعاتي مرحلي ۾ اتساهيندڙ آهي، جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو ويو ۽ ڳالهين ۾ وڌيڪ اڳڀرائي کانپوءِ 24 نومبر واري احتجاج بابت فيصلو ڪيو ويندو.
Prev Post
You might also like