راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي قيادت عمران خان کان 24 نومبر واري احتجاج جو سڏ واپس وٺڻ جي درخواست ڪري ڇڏي.
ذريعن موجب، پي ٽي آءِ باني ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان اڄ ٿيل ملاقات ۾ تحريڪ انصاف جي چيئرمين بئريسٽر گوهر ۽ خيبرپختونخوا جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور کي ڳالهين ۾ اڳرائي ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته بئرسٽر گوهر ۽ علي امين گنڊاپور 24 نومبر واري احتجاج جو سڏ واپس وٺڻ جي درخواست ڪئي.
بئريسٽر گوهر جو موقف هو ته احتجاج سبب ملڪي معيشت کي نقصان ٿيندو، حڪومت سان ڳالهيون ڪرڻ گهرجن.
ذريعن جو چوڻ آهي ته بئريسٽر گوهر چيو ته جيترو ڪريڪ ڊائون ٿي رهيو آهي گهڻا ڪارڪن گڏ نه ڪري سگهنداسين، ڪريڪ ڊائون ۽ ملڪ جي مفاد ۾ احتجاج جو سڏو واپس وٺڻ گهرجي.
بئريسٽر گوهر وڌيڪ چيو ته ٿڌ سبب ورڪرز کي ڌرڻي ۾ ويهارڻ ۾ مشڪل پيش اچي سگهي ٿي.
ذريعن موجب، بئريسٽر گوهر، عاطف خان ۽ علي امين جي جهيڙي جي تفصيل بابت به عمران خان کي آگاهه ڪيو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته اسٽيبلشمينٽ کي درخواست لاءِ علي امين گنڊاپور کي ٽاسڪ ڏنو ويو آهي جڏهن ته حڪومتي شخصيتن سان رابطن لاءِ بئريسٽر گوهر کي ٽاسڪ ڏنو ويو آهي.
پي ٽي آءِ قيادت پاران عمران خان کان 24 نومبر واري احتجاج جو سڏ واپس وٺڻ جي درخواست
You might also like