سني اتحاد ڪائونسل کي پارلياماني پارٽي قرار ڏيڻ خلاف درخواست خارج

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ جي آئيني بئنچ سني اتحاد ڪائونسل کي پارلياماني پارٽي قرار ڏيڻ خلاف درخواست تي رجسٽرار آفيس جا اعتراض برقرار رکندي خارج ڪري ڇڏي.
جسٽس امين الدين جي سربراهي ۾ ست رڪني آئيني بئنچ درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.
ٻڌڻي دوران مولوي اقبال حيدر چيوته هن جي پاران درخواست وقت سر داخل ڪئي وئي آهي، هاڻي نظرثاني ڪيس ٻڌڻي هيٺ آهي، چاهيان ٿو ته ڪنهن ڪيس ۾ ان معاملي کي ڏٺو وڃي.
جسٽس جمال خان مندوخيل چيو ته اوهان اسان کان غير آئيني ڪم ڇو ٿا ڪرائڻ چاهيو، سياسي پارٽي ۾ شامل ٿيڻ يا نه ٿيڻ اميدوارن جي مرضي آهي.
آئيني بئنچ جي سربراهه جسٽس امين الدين رمارڪس ڏنا ته مولوي اقبال صاحب اوهان وري ان طرف وڃي رهيا آهيو جنهن سبب پابندي لڳي هئي.
عدالت، درخواست تي رجسٽرار آفيس جا اعتراض برقرار رکندي درخواست خارج ڪري ڇڏي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.