لاهور (ويب ڊيسڪ ) پنجاب ۾ سموگ ۾ گهٽتائي بعد لاهور سميت سڄي صوبي ۾ تعليمي ادارا کلي ويا.
لاهور سميت سڄي پنجاب ۾ سموگ ۾ گهٽتائي اچڻ شروع ٿي وئي، جڏهن ته صوبي ۾ هوا اڃا تائين صحت لاءِ هاڃيڪار آهي.
دنيا جي گدلن ترين شهرن ۾ ڀارت جو شهر دهلي پهرئين نمبر ۽ پنجاب جي گادي وارو شهر لاهور ٻئي نمبر تي آهي.
لاهور ۾ ايئر ڪوالٽي انڊيڪس 339 ۽ ملتان ۾ 326 رڪارڊ ڪئي وئي.
پنجاب ۾ سموگ ۾ گهٽتائي بعد لاهور سميت سڄي صوبي ۾ تعليمي ادارا کلي ويا.
شاگردن ۽ استادن لاءِ ماسڪ پائڻ لازمي قرار ڏنو ويو، جڏهن ته اسڪولن ۾ راندين سميت ٻين سرگرمين تي مڪمل پابندي لڳائي وئي.
You might also like