حيدر آباد (ويب ڊيسڪ ) سنڌ يونائيٽيڊ پارٽيءَ جي صدر زين شاهه چيو آهي ته سنڌ جي پاڻي سان گڏ لکين ايڪڙ زمين به هٿن مان وڃي رهي آهي، ليز تي ڏنل اثاثن جي مالڪي نه وفاق ۽ نه ئي وري صوبن وٽ رهندي، حڪمران پارٽي ۾ 99 سيڪڙو ڏوهاري ماڻهو شامل آهن.
حيدرآباد ۾ ايس يو پي اڳواڻ انور لغاري جي نائين ورسي ملهائي وئي.
تقريب ۾ سنڌ يونائيٽڊ پارٽي جي مرڪزي صدر سيد زين شاهه، روشن ٻرڙي ۽ ٻين شرڪت ڪئي.
ان موقعي تي خطاب ڪندي سيد زين شاهه چيو ته ڊاڪٽر انور لغاري هڪ بهترين سماجي ورڪر هو.
هن چيو ته ملڪ ۾ وڏو سياسي عدم استحڪام آهي، معاشي تنگي سبب اثاثا کپائڻ لاءِ هوڪا ڏنا پيا وڃن.
سندس چوڻ هو ته پورٽ وڪرو ڪري معدني وسيلا ليز تي ڏنا پيا وڃن، 50 سيڪڙو ڪمائي قرضن ۾ وڃڻي آهي.
زين شاهه چيو ته اڄ 99 سيڪڙو نوجوان ملڪ ڇڏڻ لاءِ تيار آهن، 52 سيڪڙو چون ٿا هتي معاشي مسئلا آهي ۽ 24 سيڪڙو جو چوڻ آهيته غيريقيني صورتحال آهي.
هن چيو ته جيڪي ادارا ليز تي ڏنا ويندا، انهن جي مالڪي نه وفاق نه وري صوبن وٽ رهندي، ٿيل ترميم به ان مائنڊ سيٽ جي تبديلي جو حصو آهي، ڇهن ڪئنالن جي پٺيان زمين جي مالڪي ورتي ويندي، پاڻي سان گڏ لکين ايڪڙ زمين به هٿان وڃي پئي.
ايس يو پي اڳواڻ روشن ٻرڙي چيو ته ڊاڪٽر انور لغاري سان تعلق شاگردي واري دور کان هو، هو شاگردن وچ ۾ ٿيل جهيڙن کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو هو.
سنڌ صوفي فورم جي سربراهه ڊاڪٽر بدر چنا چيو ته ڊاڪٽر انور سندن آئيڊيل ساٿي هو، هر ماڻهو سان عشق ڪندو هو، سندس قاتل گرفتار ڪيا وڃن.
You might also like