پي ٽي آءِ احتجاج، عمران خان جو وڏو اعلان

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ ) پي ٽي آءِ باني عمران خان ڳالهين ذريعي معاملا حل نه ٿيڻ تي هر صورت ۾ احتجاج جو اعلان ڪيو آهي.
اڊيالا جيل ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي عمران خان جي وڪيل فيصل چوڌري ٻڌايو ته عمران خان چيو آهي ته جيڪڏهن سڀاڻي تائين ڳالهين ذريعي معاملا اڳتي وڌن ٿا ته ٺيڪ آهي ٻي صورت ۾ احتجاج ضرور ٿيندو ڇو ته اسان وٽ احتجاج کانسواءِ ٻيو ڪو رستو ناهي بچيو.
فيصل چوڌري موجب، عمران خان چيو آهي ته نوَ مئي کانپوءِ هن ٻيو ڀيرو احتجاج جو سڏ ڏنو آهي، ڪو به معاهدو ناهي ٿي رهيو ڳالهيون سندن مطالبن تي ٿينديون ۽ ڳالهيون انهن سان ئي ٿينديون جن وٽ اصل طاقت آهي، تاڙي ٻنهي هٿن سان وڄندي آهي، سڀاڻي تائين ڳالهيون اڳتي وڌيون ته احتجاج نه جشن ٿيندو.
پي ٽي آءِ باني جي وڪيل موجب، عمران خان جو چوڻ هو ته هن سدائين پُرامن احتجاج جو سڏ ڏنو آهي، پي ٽي آءِ کي جلسن جي اجازت نٿي ملي، جڏهن ته احتجاج تي هڪ ارب رپيا خرچ ڪرڻ واريون خبرون بي بي بنياد آهن.
واضح رهي ته تحريڪ انصاف 24 هين نومبر تي فيصلائتي احتجاج طور وفاقي راڄڌاني اسلام آباد ڏانهن مارچ جو سڏ ڏنو آهي جڏهن پارٽي طرفان 26 هين ترميم جي واپسي، گرفتار ڪارڪنن جي آزادي ۽ چونڊ مينڊيٽ جي واپسي جا مطالبا ڪيا ويا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.