پي ٽي آءِ جي احتجاج تي عوام جا 58 ڪروڙ 36 لک ضايع ٿيا

لاهور (معظم فخر)تحريڪ انصاف جي 24 نومبر جي احتجاج لاءِ ڪي پي جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور اسيمبلي ميمبرن ۾ پئسا ورهائي ڇڏيا،پارٽي ايم پي اي کي 3 لک ۽ ايم اين اي کي 2 لک رپيا ڏنا ويا آهن،ڪجهه اسيمبلي ميمبرن پئسا وٺڻ کان پاسو به ڪيو، ٻئي پاسي  فنانس سيڪريٽري 5 آڪٽوبر جي احتجاج ڪندڙن کي سھولتون ڏيندڙ ٺيڪيدارن کي ترت ادائگيون ڪرڻ جي لاءِ ھدايتون جاري ڪيون آھن 58 ڪروڙ 36 لک ويھ ھزار جي ادائگي جو چيف سيڪريٽري کان مطالبو رکيو ويوآھي.۽ اھو بھ چيو ويو آھي تھ ھي ادائگيون ترت ڪيون وڃن تھ جئين 24 نومبر واري ايونٽ جي ڪاميابي لاءِ  اڳڀرائي  ٿي سگھي.ان ليٽر مان اھو بھ انڪشاف ٿيو آھي تھ ست ھزار ماڻھن کي ڪرائي تي آندو ويو ھيو.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، اربع 20 نومبر 2024ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.