آمريڪا چين جو گهيرو تنگ ڪرڻ وارو، پاڪستان تي به دٻاءُ وڌڻ جو امڪان؟

اسلام آباد(شيراز پراچا)ڊونلڊ ٽرمپ آمريڪي صدر طور پنهنجي ايندڙ مدي لاءِ چين مخالف ٽيم چونڊي ورتي آهي، چين ڏکڻ آمريڪا ۾ مضبوط قدم ڄمائي ورتا آهن،چين ۽ لاطيني آمريڪا ۾ واپار جو حجم 500 ارب ڊالر ٿي چڪو آهي،امڪان آهي ته ٽرمپ جي حلف کڻڻ بعد پاڪستان تي دٻاءُ وڌندو،ان جو سبب اهو آهي ته ٽرمپ ۽ سندس ٽيم جو سڄو ڌيان چين تي آهي،هو چين جو گهيرو ڪرڻ چاهي ٿو،چين سان واپاري جنگ ڪرڻ چاهي ٿو،هر محاذ تي هو چين کي روڪڻ چاهي ٿو،چين ۽ پاڪستان جا لاڳاپا تمام گهرا آهن،سي پيڪ جي لحاظ کان پاڪستان چين لاءِ تمام اهم آهي،آمريڪا چين جي دوست ملڪن تي به دٻاءُ وڌائيندو،آمريڪا پاڪستان تي دٻاءُ وڌائيندو ته چين جون رٿائون ختم ڪري يا انهن کي گهٽائي،گذريل دور ۾ عمران خان آمريڪا جو دٻاءُ قبول ڪري سي پيڪ رٿا ملتوي ڪئي هئي،چين به هٿ تي هٿ رکي ناهي ويٺو،ان ڏکڻ آمريڪا جي 33 ملڪن ۾ پنهنجو اثر رسوخ وڌائي رهيو آهي،ان خطي ۾ آمريڪا سدائين ڊڪٽيٽر مڙهي آمريڪا مخالف تحريڪن کي چٿيوآهي، ڪيوبا، وينزويلا، ڪولمبيا، ميڪسيڪو، بوليويا ،پيرو، ايڪواڊور، ارجنٽائن  هجي آمريڪا سدائين اتي مداخلت ڪئي آهي،ٽرمپ انهن ملڪن مان آمريڪا ايندڙ ماڻهن کي روڪڻ لاءِ بارڊر تي ڪنڊيدار تار اڏڻ چاهي ٿو،جڏهن ته چين سان لاطيني آمريڪا جي 33 مان 21 ملڪن بيلٽ اينڊ روڊ رٿا معاهدن تي صحيحون ڪري ڇڏيون آهن،5 ملڪن چين سان آزاد واپار جا معاهدا ڪيا آهن،گذريل هفتي پيرو ۾ چيني صدر شي جن پنگ جو شاندار استقبال ڪيو ويو،اتي ٺهندڙ بندرگاهه تي آمريڪا خدشا ظاهر ڪيا آهن ته اها بندرگاهه فوجي مقصدن يا اسان جي جاسوسي لاءِ به استعمال ٿي سگهي ٿي،ٽرمپ جي ڪابينا ۾ نامزد پرڏيهي وزير مارڪو روبيو چين جو سخت مخالف آهي،ٽرمپ چين خلاف ڏکڻ اولهه ايشيا ۽ پاڪستان ۾ چيني رٿائن کي ناڪام بڻائڻ جي ڪوشش ڪندو،پاڪستان کي چين جون رٿائون روڪڻ يا سست رفتاري جو شڪار بڻائڻ تي ڊالرن جي آڇ ڪئي ويندي،ٽرمپ جيڪڏهن عمران خان کي جيل مان ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي ته شرط اهو هوندو ته عمران خان چين خلاف پاليسين ۽ حڪمت عملي ۾ سهڪار ڪندو ته آمريڪا هن جي حمايت ڪري سگهي ٿو پر ٿي سگهي ٿو ته اسٽيبلشمينٽ هن ڀيري آمريڪا جو دٻاءُ قبول نه ڪري،هن ڀيري ٿي سگهي ٿو ته سعودي عرب ذريعي آمريڪا سان ورڪنگ رليشن شپ قائم ڪري.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، اربع 20 نومبر 2024ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.