شاهه محمود قريشي پاران نئين پارٽي ۾ قسمت آزمائڻ جو امڪان

نيو يارڪ (رضا رومي) رضا رومي جي ولاگ ۾ ڳالهائيندي تجزئي ڪار مبشر بخاري چيو ته مخدوم ڪٽنب مايوسي جو شڪار آهي. شاهه محمود قريشي کي پي ٽي آءِ جي پنهنجي ماڻهن به سوشل ميڊيا تي نشانو بڻايو. هن وقت شاهه محمود قريشي وٽ واپس وڃڻ جي جاءِ ناهي ته هو ڪٿي ويندو. وٽ مريدن جو وڏو انگ آهي ۽ هو هميشه هڪ ٻه سيٽون کڻڻ جي پوزيشن ۾ رهندو آهي. ٿي سگهي ٿو ته هاڻي هو ڪنهن نئين پارٽي ۾ قسمت آزمائي. پر هن وقت هو به سمجهي ٿو ته پي ٽي آءِ ڪجهه وقت گذاري ۽ اڳتي جيڪو ٿيڻو آهي ان جو انتظار ڪري ته متان اليڪشن ٿي وڃي.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، اربع 20 نومبر 2024ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.