انسٽاگرام ۾ هڪ تمام وڏي تبديلي ڪئي پئي وڃي جيڪا سوشل ميڊيا پليٽ فارم کي گهڻي حد تائين بدلائي ڇڏيندي.
ميٽا طرفان هڪ نئين فيچر جي آزمائش جاري آهي جيڪا انسٽاگرام جي الگورٿم کي ري سيٽ ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي.
انسٽاگرام ۾ واهپيدارن جي سامهون نظر ايندڙ مواد الگورٿم طئي ڪندو.
فوٽو شيئرنگ ايپ جو الگورٿم واهپيدارن جي شخصيت بابت جيڪو سوچيندو يا سمجهندو آهي، ان پٽاندڙ تصويرون، ريلز ۽ ايڪسپلور سيڪشن ۾ مواد بابت سجسيٽ ڪندو آهي.
پر هاڻي اوهان الگورٿم سيجشنز کي ري سيٽ ڪري سگهندئو، ڪمپني موجب، في الحال فيچر جي ٽيسٽنگ جاري آهي پر اِهو تمام جلد سڄي دنيا جي واهپيدارن لاءِ متعارف ڪرايو ويندو.
ڪمپني جو چوڻ آهي ته واهپيدار سجيسٽڊ مواد کي ڪانٽينٽ تي ريفرنس سيڪشن ۾ وڃي ري سيٽ ڪري سگهندا.
ميٽا موجب، جيڪڏهن اوهان الگورٿم کي ري سيٽ ڪندئو ته ان سان انسٽاگرام تي ” نئين شروعات “ ڪرڻ مدد ملندي ۽ هو ايپ جي سجيشنز کي ري ٽيون ڪري سگهندا.
پر ڪمپني جو اِهوبه چوڻ آهي ته الگورٿم ري سيٽ ڪرڻ جو مطلب اِهو قطعي نه آهي ته اوهان جي ايپ ۾ موجود ڊيٽا به ڊليٽ ٿي ويندي يا اشتهار ڏيکارڻ جو انداز بدلجي ويندو.
ميٽا موجب، فيچر جو مقصد ماڻهن کي خاص طور نوجوانن کي اڻ وڻندڙ مواد ڏسڻ کان روڪڻ آهي.
You might also like