يوڪرين جي فوج روس تي پهريون ڀيرو ڊگهي فاصلي تائين مار ڪندڙ آمريڪي ميزائلن سان حملو ڪري ڏنو.
پرڏيهي ميڊيا موجب يوڪرين روس جي برائنسڪ ريجن تي ڊگهي فاصلي تائين مار ڪندڙ آمريڪي ميزائل فائر ڪيا پر روسي ڊفينس سسٽم 5 پروجيڪٽائل کي تباهه ڪري ڇڏيو، جڏهن ته هڪ هدف کي نشانو بڻايو.
روسي بچاءَ واري وزارت پنهنجي بيان ۾ چيو ته يوڪرين 6 آمريڪي ميزائل فائر ڪيا، جڏهن ته پرڏيهي ميڊيا موجب هڪ ميزائل روسي فوجي بيس ڀرسان ڪِريو، جنهن سان ڪو جاني نقصان نه ٿيو.
واضح رهي ته آمريڪي صدر جو بائيڊن ٻه ڏينهن اڳ ئي يوڪرين کي روس خلاف ڊگهي فاصلي تائين مار ڪندڙ ميزائل استعمال ڪرڻ جي اجازت ڏني هئي، جڏهن ته روسي صدر آمريڪي ميزائلن جي استعمال تي ٽين عالمي جنگ جي ڌمڪي ڏني هئي.
هوڏانهن روسي صدر ولاديمير پيوٽن جوهري حملن بابت نئين پاليسي جي منظوري ڏئي ڇڏي.
پيوٽن پنهنجي بيان ۾ واضح ڪيو ته جارحيت ڪندڙن کي احساس هجڻ گهرجي ته انتقامي ڪارروائي خوفناڪ هوندي.
Prev Post
You might also like