نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ايندڙ سال فيبروري ۾ پاڪستان ۾رٿيل چيمپيئنز ٽرافي ۾ رڳو ٽي مهينا باقي بچيا آهن پر انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل طرفان اڃا تائين ٽورنامينٽ جو شيڊيول جاري ناهي ڪيو ويو جنهن سبب براڊ ڪاسٽرز ۽ ڪمرشل پارٽنرز جي پريشاني وڌي ويئي آهي.
چيمپيئنز ٽرافي واري معاملي تي پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ڇڪتاڻ جاري آهي.
ڀارت ميگا ايونٽ لاءِ پاڪستان جي دوري کان انڪار ڪري چڪو آهي، جڏهن ته پاڪستان ڪو به هائبرڊ ماڊل قبول نه ڪرڻ واري پنهنجي موقف تي قائم آهي.
ٻئي پاسي ڀارتي اخبار ”انڊيا ٽوڊي “ جي هڪ رپورٽ ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته ان معاملي تي پردي پٺيان ڳالهيون جاري آهن ۽ آءِ سي سي، پي سي بي کي هائبرڊ ماڊل کي قبول ڪرڻ لاءِ راضي ڪرڻ جي پوري ڪوشش ڪري رهيو آهي.
رپورٽ ۾ اِهو به چيو ويو آهي ته چيمپيئنز ٽرافي جو شيڊيول هلندڙ هفتي جي آخر تائين جاري ڪرڻ جو امڪان آهي.
ڀارتي اخبار ذريعن جو حوالو ڏيندي ٻڌايو ته في الحال چيمپيئنز ٽرافي جي شيڊيول تي پاڪستان ۽ ٻين ميمبرن سان ڳالهيون جاري آهن، ٽورنامينٽ جو شيڊيول امڪاني طور تي هڪ ٻن ڏينهن ۾پڌرو ڪيو ويندو.