سموسو ايشيائي ملڪن ۾ ماڻهو شوق سان کائيندا آهن پر هڪ تحقيق موجب اهو انسان کي شگر جي مرض ۾ مبتلا ڪندو آهي.
انڊين ڪائونسل آف ميڊيڪل ريسرچ طرفان ڪيل هڪ اهم ڪلينيڪل ٽرائل سان اها ڳالهه سامهون آئي ته الٽرا پروسيس ٿيل ۽ ترسيل غذائون انسان کي شگر جي مرض ۾ مبتلا ڪري رهيون آهن.
اها تحقيق انٽرنيشنل جرنل آف فوڊ سائنسز اينڊ نيوٽريشن ۾ ڇپي، جنهن موجب ڳاڙهو گوشت، فرنچ فرائز ۽ ٻيون تريل غذائون، بيڪري جون شيون، پراٺو، سموسا ۽ مٺا کاڌا انسان کي شگر جو مريض بڻائي رهيا آهن.
محققن شگر جي خطري کي گهٽائڻ لاءِ ساين ڀاڄين، ميون، مڇي، اُٻريل کاڌن سميت برائون رائيس جي استعمال جو مشورو ڏنو آهي.
You might also like