اسٽينڊنگ ڪميٽي محسن نقوي کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) بين الصوبائي رابطن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي، اسپورٽس بورڊ طرفان جواب نه ملڻ تي محسن نقوي کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيون.
قومي اسيمبلي جي بين الصوبائي رابطن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ پاڪستان اسپورٽس بورڊ طرفان دستاويز فراهم نه ڪرڻ تي اسٽينڊنگ ڪميٽي ڳڻتي جو اظهار ڪيو.
اسپورٽس بورڊ جو جواب نه ملڻ تي اسٽينڊنگ ڪميٽي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ پي سي بي چيئرمين محسن نقوي کي نوٽيس جاري ڪندي ايندڙ اجلاس ۾ ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري ورتو.
اجلاس دوران اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين ثناءُ الله مستي خيل چيو ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ڪا مقدس ڳئون نه آهي، اسٽيڊنگ ڪميٽي سڀ کان وڏو فورم آهي هتي جواب اچڻ گهرجي.
ان کانسواءِ اسٽينڊنگ ڪميٽي، پي سي بي کي ڪابينا ڊويزن جي ماتحت ڪرڻ وارو فيصلو رد ڪري ڇڏيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.