عمران خان علي امين ۽ بريسٽر گوهر کي اسٽيبلشمينٽ سان ڳالهين جي اجازت ڏئي ڇڏي

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف باني جي ڀيڻ عليمه خان چيو آهي ته عمران خان اسٽيبلشمينٽ سان ڳالهين جو چيو آهي.
اڊيالا جيل ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي عليمه خان چيو ته اڄ عمران خان سان ڊگهي ملاقات ٿي، هن علي امين ۽ بيريسٽر گوهر کي پنهنجي مطالبن تي ڳالهين جي اجازت ڏني آهي.
عليمه خان موجب عمران خان چيو ته 24 نومبر پاڪستان لاءِ اهم ڏينهن آهي، 8 فيبروري جيان 24 نومبر تي به نڪرو، اسان جو احتجاج پرامن هوندو، مينڊيٽ جي واپسي، اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي آزادي ۽ جمهوريت جي بحالي لاءِ ڳالهين جو چيو.
هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته عمران خان ڳالهين لاءِ اسٽيبلشمينٽ جو ئي چيو آهي، ڇو ته حڪومت پاڻ چئي ٿي ان جي هٿ ڪجهه ناهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.