لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اوپنر امام الحق ساٿي ڪرڪيٽر ۽ اڳوڻي ڪپتان بابر اعظم جي حق ۾ انسٽاگرام تي هڪ اسٽوري پوسٽ ڪئي جيڪا وائرل ٿي وئي.
آسٽريليا خلاف ٽن ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز ۾ به اڳوڻو ڪپتان ڪائي ذڪر جوڳي ڪارڪردگي نه ڏيکاري سگهيو ۽ گرين شرٽس کي وائيٽ واش شڪست جو منهن ڏسڻو پيو.
بابر اعظم جي مسلسل ناڪامين تي مداح مٿس تنقيد ڪري رهيا آهن ۽ کيس ٽرول ڪرڻ جو ڪو موقعو نٿا وڃائين.
ڪجهه ڏينهن اڳ سوشل ميڊيا تي هڪ وڊيو وائرل ٿي جنهن ۾ ڪجهه تماشائي آسٽريليا خلاف ٻي ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ سڊني ڪرڪيٽ گرائونڊ ۾ فيلڊ تي موجود بابر اعظم کي ڇتي تنقيد جو نشانو بڻائي رهيا هئا.
سڊني ۾ آسٽريليا خلاف ميچ دوران بابر اعظم فيلڊنگ ڪري رهيو هو ته مداحن نامناسب انداز ۾ کيس چيو ته ”تنهنجي ٽي ٽوئنٽي ۾ جاءِ نٿي ٺهي، موٽي وڃ“.
شوقينن جي اهڙي رويي تي بابر اعظم ڪو جواب نه ڏنو پر کين چِتائي ڏسي رهيو هو، جنهن جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي.
اِها وڊيو جيئن سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ته ساٿي ڪرڪيٽر امام الحق ساڳي ئي وڊيو پوسٽ ڪئي ۽ ڪيپشن ۾ لکيو ته ” اسان هڪ قوم طور ناڪام ٿي چڪا آهيون، سپورٽ ڪرڻ بدران ٺٺول ڪيون ٿا، بابر تون هاڻ به چيمپيئن آهين.“
You might also like