اسلام آباد(م ڊ) راولپنڊي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت 9 مئي 2023 تي جنرل هيڊ ڪوارٽر (جي ايڇ ڪيو) تي حملي جي ڪيس ۾ پي ٽي آءِ باني عمران خان، عمر ايوب، شبلي فراز، شهباز گل، مراد سعيد، حماد اظهر، زلفي بخاري ۽ صداقت عباسي جي پرڏيهه وڃڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي، ان حوالي سان عدالت ڊائريڪٽر جنرل (ڊي جي) اميگريشن کي خط لکي چيو آهي ته جوابدارن جي پرڏيهي سفر تي پابندي اينٽي ٽيررازم ايڪٽ جي سيڪشن 28 اي تحت لاڳو ڪئي وئي آهي، جوابدارن جي پرڏيهه روانگي عدالتي حڪم سان مشروط هوندي.